
عثمان شاھه ھڙي: عمرساند ٿاڻي جي حد ٽنڊو سومرو ڀرسان مائو پٽيل ڪڇي ڪالوني ۾ رهندڙ 30 سالن جي نوجوان وشرام پٽ ڏايو ڪولهي زهريلي دوا پي خوڪشي ڪري ڇڏي. واقعي جي اطلاع تي عمرساند پوليس واقعي واري هنڌ پھچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال ٽنڊوالهيار آندو، جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب نوجوان زال جي ناراض ٿي مائٽن ۾ وڃڻ تان اهڙو قدم کنيو.