اسلام آباد : بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن شازيا مري چيو آهي ته حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي وظيفي ۾ 25 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي. هڪ بيان ۾ شازيا مري چيو آهي ته مالي سال 23-2022 جي چوٿين ٽه ماهي قسط لاءِ 9000 رپين جي ورهاست اڄ سومر کان شروع ٿيندي. هن چيو ته هي وظيفو 90 لک مستحقن کي جاري ڪيو ويندو، عوام جي سهولت لاءِ هي وظيفو سڄي ملڪ ۾ قائم ڪيل 1559 خاص مرڪزن تان ادا ڪيو پيو وڃي.وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته مستحق 9000 رپين جي مڪمل رقم حاصل ڪن ۽ رسيد وٺڻ نه وسارين، ان سان گڏ تعليمي اسڪالر شپ جي جنوري کان مارچ جي قسط به جاري ڪئي وئي آهي. شازيا مري وڌيڪ چيو ته جن ٻارن جي حاضري 70 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، انهن جون مائرون هي وظيفو ضرور وٺن، ڪنهن به شڪايت جي اطلاع لاءِ هيلپ لائن 080026477 تي رابطو ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close