پيئڻ جي پاڻي کان محروم ٿر جي ڳوٺ ڪيتار ۾ امير بخش چنا ميموريل ٽرسٽ طرفان سولر ثمر پمپ لڳايو ويو، ثمر لڳائڻ جي تقريب جو افتتاح ناليواري سماجي اڳواڻ اقبال حسين چنا، جونيئر امير بخش چنا، پروفيسر ۽ اديب استاد منظور سولنگي، وڪيل ڪوثر شر، آفتاب احمد شر، حزب اللہ شاہه، فقير ارشاد سومرو، صدا حسين چنا، صحافي غوث ٻگهيو ۽ سوين ڳوٺاڻن ڪري دعا گهري. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ٽرسٽ جي باني سماجي اڳواڻ اقبال حسين چنا چيو ته ماڻهن جي خدمت ڪرڻ عبادت آهي، پاڻي زندگي آهي، پر اسان وٽ اهڙا ڪيترائي علائقا ۽ ڳوٺ آهن، جتي هن جديد دور ۾ به پيئڻ جي پاڻي جي سهولت ناهي. پنهنجي وس آهر ٽرسٽ طرفان انهن علائقن ۽ ڳوٺڻ ۾ سولر پمپ لڳرائي رهيا آهيون، غريب شاگردن جي پڙهائي جو خرچ به ٽرسٽ طرفان ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي استاد منظور سولنگي، وڪيل ڪوثر شر، آفتاب احمد شر ۽ ٻين چيو ته مرحوم امير بخش چنا سخي انسان هو، جنهن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان گڏ عوام جي حقن لا جدوجهد ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close