چيلهار ويجهو ڳوٺ دلن جو تڙ ۾ تيز طوفاني برسات دوران بجلي جا 5 ٿنڀا ڪري پيا، جنهن ڪري ڳوٺ سميت ڀرپاسي ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان بجلي بند هئڻ ڪري رهواسي عذاب ۾ اچي ويا آهن. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن اڪبر ڪنڀر، عزيز ڪنڀر، جبار دل، نظر دل، برڪت ڪنڀر، اشرف ڪنڀر ۽ ٻين دانهيندي چيو ته گذريل ٻن ڏينهن کان بجلي ناهي، ان ڪري پيئڻ جي پاڻي جي ڦڙي لا پريشان آهيون، هاڻ چوپايو مال به اڃ وگهي مري رهيو آهي، مسلسل دانهون ڪرڻ باوجود ضلعي انتطاميا توڙي حيسڪو عملدار نٿا ٻڌن. هنن گهر ڪئي ته جلد ڳوٺ ۾ بجلي جي ڪريل پولن جو مرمتي ڪم ڪرائي بجلي فراهم ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close