نامياري ليکڪ ۽ اديب بلوچ صحبت علي جي ڪتاب “نيپالي نينهن” سفر نامي جي مهورتي تقريب سنڌي ادبي سنگت ۽ شاهپورچاڪر سجاڳي فورم پاران پريس ڪلب شاهپورچاڪر ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن جو مهورتڪار علمي ادبي شخصيت مختيار سمون هو. مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي بلوچ صحبت علي، مختيار سمون، عطاالله انڙ، رضا ڏاهري، امام علي جهنجهي، پرتاب شيواڻي راءِ، عابد چنا، مٺل ڪنڀر، سنتوش ڪمار ۽ ٻين چيو ته بلوچ صحبت علي تمام بهترين ليکڪ آھي، جنهن جا 26 ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آھن، سندس هي ڪتاب نيپال جي سفر نامي تي ڇپيل آھي، جنهن ۾ ھن نيپال جي ڪلچر، اتان جي ماڻھن کي جئين ڏٺو ته نيپال فطري طرح سان ڏاڍو خوبصورت ملڪ آھي، هتان جا ماڻھو ڏاڍا خوددار ۽ پنهنجي ثقافت سان پيار ڪندڙ آھن، هن سفر نامي نيپال جا نينهن ۾ مختلف ڪوٽ، جئين سارنگ ڪوٽ، فيوا ڍنڍ، ڊيوس فال، بودناٿ جو مندر، منوڪ ڪامنا ۽ ٻيون ڪافي شيون آھن. هنن چيو ته هن قسم جا ڪتاب جاڳرتا پيدا ڪري ماڻھو کي اتساهيندا آھن. ان موقعي تي زاهد پرويز، پروفيسر عبدالحميد ڏاهري، سينيئر صحافي الياس انجم، عبدالمالڪ عبد، حاڪم ناياب جهلڻ، نواز بالادي ۽ ٻيا موجود هئا، اسٽيج سيڪريٽري جا فرض نوجوان شاعر سليم ڪليار انجام ڏنا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close