پاڪستانسنڌ

ڪڪڙ ويجهو ٿنڀي تي بجلي جو ڪم ڪندڙ پرائيويٽ مستري فوت

ڪڪڙ ويجهو خيرپور ناٿن شاهه گرڊ اسٽيشن کان نڪرندڙ خانپور جوڻيجو فيڊر جي ڳوٺ وسائي ۾ 11 هزار بجلي جي پول تي بجلي ٺاهيندي اوچتو بجلي اچڻ سبب ڪرنٽ لڳڻ ڪري پرائيويٽ ڪم ڪندڙ 35 سالن جو مستري عباس پٽَ حاڪم ٿهيم پول تان ڪري فوت ٿي ويو آھي، فوتي کي ڳوٺ وسائي جو ڳوٺاڻو هارون پنهور بجلي ٺهرائڻ لاءِ وٺي ويو. ڳوٺاڻا فوتي مستري جو لاش کڻي ڳوٺ چوکنڊي پهتا ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. عباس ڪيتري ئي عرصي کان پرائيويٽ نموني سان حيسڪو عملي سان گڏ بجلي جو ڪم ڪندو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button