ٿر ضلعي ۾ طوفاني هوائن ۽ برساتن سبب ننگرپارڪر ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ سئو کان وڌيڪ ڪچا گهر ۽ لانڍيون ڊهي پيون. رهواسين کي لکين رپين جو نقصان ٿيو. ننگرپارڪر تعلقي جي ڳوٺ واگهو بجير ۾ تيز طوفاني برسات سبب 50 ڪکاوان چونئرا ۽ 70 لانڍيون ڊهي پيون. مليلڄاڻ موجب خان محمد بجير، لال خان بجير، مير محمد بجير، سومرو محمد علي، بيوهھ رحمت زال جڙيو، سيف الدين پيرو، جبار الهجڙيو بجير، دين محمد بجير، غلام حسين، جان محمد، بيوهھ حڪيمان زال قربان، تماچي بجير، فتح محمد، غلام حسين، ڪرم علي، محمد، الف فتح محمد، مجيد حيدر، يامين همير، عطا حسين منداري، مهراڻ سجاول، سونهارو آدم، ميانداد وسايو بجير، اسماعيل مجنو بجي، کٻڙ مانجهي، علڻ سونو، طيب بلوچ جا چونئرا ۽ لانڍيون ڊهي پٽ پئجي ويون آهن،رهواسين جو چوڻ آهي ته ڪچا گهر ڊهڻ سميت ڪريڪ ٿي ويا آهن، وڏو نقصان ٿيو آهي، خيما ۽ راشن ڏئي فورن مدد ڪئي وڃي. ٻئي پاسي ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ لڳاتار چار ڏينهن وقفي سان ٿيندڙ طوفاني برساتن جون تباهڪاريون جاري آهن. ڇاڇرو ۽ ڏاھلي تعلقن جي 30 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ طوفاني برساتن تباهيءَ مچائي ڇڏي. متاثر ٿيل ڳوٺن ۾ ڳوٺ ڪيتار، ڪيتاري، چارڻور، تڙ احمد، بچو تڙ، ڪيسراڙ، تڙ دوس، سارنگهيار، ميگهي جو تڙ، ڀڳيسل، ڀونهار، الهداد جو تڙ ۽ ارباب جي ڍاڻي سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ سوين غريب پورهيتن جا ڪکاوان اجھا ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، سون جي تعداد ۾ طوفاني برساتن سبب جهنگ ۾ چوپايو مال مري ويون، طوفاني شديد هوائن جي سٽ نه سهندي ڪيترائي وڻ تباھه ٿي ويا ۽ ناياب پکي به مري ويا. مختلف ڳوٺن ڏانهن ويندڙ روڊ برسات ۾ لڙهي ويا آهن، پر سنڌ سرڪار توڙي ضلعي انتظاميا برسات سبب بي گهر ٿيل متاثرن جي بحالي لاءِ سرڪاري سطح واهر نه ڪئي آهي. متاثرن حڪومت ۽ ٻين وس وارن کان واهر جي اپيل ڪندي چيو ته برساتن ۾ ٿيل نقصان جي سروي ڪري مالي مدد ڪئي وڃي. اسلام ڪوٽ ۽ ڀرپاسي رات دير سان تيز طوفاني برساتن جو سلسلو جاري رهيو،مختلف هنڌن کنوڻ ڪرڻ جا واقعا پيش آيا، اسلام ڪوٽ جي ڪولهي پاڙي ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب هڪ عورت زخمي ٿي پئي، ڳوٺ ميھاري بجير ۾ کنوڻ ڪرڻ جي نتيجي ۾ امامت زال امتياز جوڻيجو زخمي ٿي پئي، جنهن کي اسپتال آندو ويو. هوڏانهن کنوڻ ڪرڻ جي ڌار ڌار واقعن ۾ 50 ٻڪريون ۽ 10 رڍون مري ويون. ڳوٺ جهانگرو ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب 50 ۽ ڳوٺ واهوڙو ۾ کنوڻ ڪرڻ 10 رڍون مري ويون. تعلقي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ وڌيڪ سون جي تعداد ۾ ڪچا گهر ڊهي پَٽ پئجي ويا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close