عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ضلعي ڪائونسل ۾ حلف برداري تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ڊي سي ايم بي راجا ڌاريجو ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ جي چيئرمين حاجي محمد بقا پلي، وائيس چيئرمين ميان حاجي خالد ولھاري ۽ ميونسپل ڪميٽي چيئرمين سيف الله خالد سراج سومرو ۽ وائيس چيئرمين ڪمار ٽلواڻي کان حلف ورتو. تقريب ۾ صوبائي وزير تعليم ۽ ثقافت سردار شاھه، ايم پي اي امير علي شاھه، نوابزاده شھمير خان ٽالپر، ضلعي ميمبر سرفراز علي شاهھ، ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر لطف علي مستوئي، پ پ ورڪرن، سول سوسائٽي ۽ ٻيا موجود ھئا. جڏھن ته ميونسپل عمرڪوٽ جي وائيس چيئرمين جي سيٽ تي پارٽي طرفان نامزد گھنشام بجير کي ھٽائي ڪمار ٽلواڻي کي وائيس چيئرمين نامزد ڪرڻ ۽ ڇور ٽائون تي چيئر.ين شپ تي پارٽي طرفان نامزد ڪيل مولوي يعقوب نعماني کان باغي بڻيل نجف محمد آريسر کي نه پرچائڻ واري معاملي تي پارٽي جي عھديدارن تقريب ۾ شرڪت نه ڪئي. تقريب ۾ ضلعي صدر نور علي شاھه، جنرل سيڪريٽري صوفي نواز ۽ ضلعي انفارميشن سيڪريٽري برھان ڪنڀار سميت ٻيا عھديدار غائب رھيا. گڏجاڻي ۾ صوبائي وزير سردار شاھه خطاب ڪندي چيو ته پ پ جي ھميشه ڪوشش رھي آھي ته شھرن ۽ ڳوٺن ۾ رھندڙ سڀني ماڻهن جي بغير ڪنھن فرق جي خدمت ڪري ۽ سندن بنيادي ضرورتون حل ڪرائي، ضلعي ڪائونسل ۽ ميونسپل ڪميٽي ۾ چونڊيل اميدوار خانداني ماڻھو آھن، پئسي يا مال ملڪيت سان ڪوبه خانداني ناھي ٿيندو، جن جي بنياد ۾ خدمت جو جذبو ھجي، اھي ئي خانداني ماڻهو ھوندا آھن، ھر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ته ھتي رھندڙ سڀني ماڻهن جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن، لوڪل ڪائونسل ھڪ ننڍي پارليامينٽ آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close