ميرپورخاص: ميرپورخاص ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين مير انور ٽالپر ۽ وائيس چيئرمين مير احمد علي ٽالپر حلف کڻي ورتو. ساڳي ريت ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن مير شير محمد جي چيئرمين حاجن پنھور، وائيس چيئرمين ولي محمد ناريجو، ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن خادم علي شاھه جي چيئرمين شازل شاھه ۽ وائيس چيئرمين نثار گجر پڻ قسم کنيو. چونڊيل ميمبرن کي ڊي سي زين العابدين ميمڻ حلف کڻايو. ان کان اڳ ميونسپل ڪارپوريشن ۾ پ پ جي ميئر عبدالرئوف غوري ۽ ڊپٽي ميئر جنيد بلند بھ پنھنجي عھدن جو حلف کنيو. جن کي ڪمشنر ميرپورخاص شفيق مھيسر حلف کڻايو. ٻئي طرف ضلعي جي 7 ٽائون ڪميٽين ھڱورنو تي چيئرمين رخسانه شر، وائيس چيئرمين تي اسماعيل شيخ، ميرواھه گورچاڻي ٽائون ڪميٽي تي چيئرمين احسان الحق آرائين، وائيس چيئرمين ھيرالال ميگھواڙ، ڪوٽ غلام محمد تي چيئرمين علي حسن قائمخاني، وائس چيئرمين امجد آرائين، ڊگھڙي تي چيئرمين مير ذوالفقار، وائيس چيئرمين بابو حنيف، ٽنڊو جان محمد تي قاضي نور محمد، وائيس چيئرمين شھزاد آرائين، جھڏو تي چيئرمين مير ڪامران ٽالپر، وائيس چيئرمين ظفر آرائين ۽ نئون ڪوٽ تي چيئرمين نور محمد منڌرو ۽ وائيس چيئرمين عظيم چانڊيو بھ حلف کنيو. حلف کڻندڙ سمورن ھيڊ آف ڪائونسلز جو تعلق پ پ سان آھي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close