پاڪستانسنڌ

ٿر، مٺي ۽ چيلهار جي چيئرمينن جي حلف برداري، جيالن جو جشن

مٺي: ٿرپارڪر جي ضلعي ڪائونسل، ميونسپل ڪميٽي مٺي ۽ ٽائون ڪميٽي چيلهار جي چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن پنهنجن عهدن جو حلف کڻي ورتو. مٺي ۾ ضلعي چيئرمين ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو ڇاڇرو کان سوين گاڏين جي قافلي ۾ مٺي پهچي نائب چيئرمين ڪملا ڀيل سان گڏجي حلف کنيو. جڏهن ته ميونسپل ڪميٽي مٺي جي چيئرمين ڊاڪٽر منوج ڪمار ملاڻي ۽ وائيس چيئرمين سمترا منجياڻي ملاڻي هائوس ۽ چيلهار جي چيئرمين بهاري ميگهواڙ ۽ وائيس چيئرمن عرس ڪنڀار چيلهار کان وڏين ريلين سان ڪلچرل ڪامپليڪس پھچي حلف کنيو. جڏهن ته مٺي جي بينظير ڪلچرل ڪامپليڪس ۾ ٿرپارڪر جي چونڊيل نمائندن کي ڊي سي لعل ڏنو منگي حلف کڻايو. ڪوٺايل حلف برداري تقريب ۾ ايم پي اي قاسم سراج سومرو، ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي، ايم پي اي دوست محمد راهمون، انجنيئر گيانچند، راهول جيوڻ ۽ سشيل ملاڻي سميت ٻين شرڪت ڪئي، سندن حامين نعريبازي پڻ ڪئي. دهل شرناين تي جيالن رقص ڪيو. ان موقعي تي ضلعي چيئرمين ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو ۽ ميونسپل ڪميٽي مٺي جي چيئرمن ڊاڪٽر منوج ڪمار ملاڻي حلف کڻڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پارٽي ۽ عوام پاران اسانکي جيڪا عوامي خدمت جي ذميواري سونپي وئي آھي، ان کي ايمانداري سان نڀائڻ لا ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين، مليل ذميواري گلن جي سيج نه پر ڪنڊن جي سيج آھي، ڇاڪاڻ ته اسان مٿان خدمت جي ذميواري رکي وئي آھي، اسان عوام جي اعتماد ۽ ڀروسي تي پورو لهڻ لا وس نه گهٽائينداسين. هنن چيو ته پ پ ملڪ جي واحد پارٽي آھي، جيڪا عوامي خدمت ۾ يقين رکي ٿي ۽ غريب عوام جي نمائندا پارٽي آھي. اسان ٿر کي مثالي ضلعو بڻائينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button