نبي سرروڊ: نبي سرروڊ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط شروع ٿيندي ئي ڊوائيس هولڊر ۽ ايجنٽ مافيا سرگرم ٿي وئي، ڊوائيس هولڊر ۽ انتظاميا خلاف حقدار عورتن احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي عورتن چيو ته گذريل ڏينهن کان ڊوائيس هولڊر تنگ ڪري رهيو آهي ۽ مختلف بهانا ڪري ڪارڊ چيڪ ڪرڻ بدران اسان جي تذليل ڪري پيو، اسان ٻهراڙين کان ڳرا ڀاڙا ڀري سينٽر پهتيون آهيون، هتي اسان کي نه پيئڻ جو پاڻي ملي ٿو، نه ويهڻ لا ڪا جا آهي، سڄو ڏينهن اس ۾ قسط ملڻ جي آسري خوار ٿيون پيا، ڊوائيس هولڊر ۽ سندس ايجنٽ ڄاڻي واڻي سينٽر ۾ بدنظمي ڪري گم ٿي وڃن ٿا، جنهن بعد اسان انتظار ڪري واپس وڃون پيا. هنن اختيارين کان گهر ڪئي ته ڊوائيس هولڊر ۽ ايجنٽن خلاف قدم کڻي قسط ڏياري وڃي. ٻئي پاسي معلوم ٿيو آهي ته عورتن جي رقم مان ڪٽوتي جاري آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close