اسلام آباد : سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائل خلاف درخواستن تي 9 رڪني بئنچ جوڙي ڇڏي. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 9 رڪني لارجر بئنچ اڄ درخواستن تي شنوائي ڪندي. سپريم ڪورٽ جو سينيئر ترين جج قاضي فائز عيسيٰ به 9 رڪني لارجي بئنچ جو حصو آهي. بئنچ ۾ جسٽس سردار طارق مسعود، جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس عائشا ملڪ ۽ جسٽس مظاهر علي نقوي شامل آهن. ڪيس جي شنوائي اڄ صبح 11 لڳي 45 منٽن تي ٿيندي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ اڳوڻي چيف جسٽس جواد ايس خواجا ملٽري ڪورٽس خلاف درخواست داخل ڪئي هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close