اسلام آبادپاڪستانسنڌ

پاڪستان جي يونيورسٽين ۾ هولي ملهائڻ تي پابندي لاڳو

اسلام آباد :هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) سڀني تعليمي ادارن ۾ هولي تقريبن تي پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. هائير ايجوڪيشن ڪميشن چيو آهي ته اهڙي قسم جون سرگرميون ملڪ جي سماجي ۽ ثقافتي قدرن کان مڪمل طور لاتعلقي ظاهر ڪن ٿيون ۽ اسلامي سڃاڻپ کي نقصان پهچائين ٿيون. اهو قدم اسلام آباد جي قائداعظم يونيورسٽي ۾ هولي ملهائڻ جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ سامهون آيو آهي. ايڇ اي سي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سماجي ۽ ثقافتي قدرن تي عمل ڪرڻ لاءِ شاگردن کي ان فيسٽيول تي عمل ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي.پڌرائيءَ موجب ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته ثقافتي، نسلي ۽ مذهبي رنگ هڪ گڏيل ۽ روادار معاشري ڏانهن وٺي وڃي ٿو، جيڪو سڀني عقيدت جو گهرو احترام ڪري ٿو پر شاگردن کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪرڻ جي ضرورت آهي ته اهي پنهنجي ذاتي مفادن کان آگاهه هجن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button