پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص پريس ڪلب جي مستحق صحافين ۾ چيڪ ورهايا ويا

ميرپورخاص: سنڌ حڪومت پاران اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي ھدايتن تي ميرپورخاص پريس ڪلب جي 15 صحافين کي چيڪ ڏيڻ جي حوالي سان پريس ڪلب ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر اطلاعات کاتي ميرپورخاص غلام رضا کوسو ۽ صدر پريس ڪلب نذير پنھور صحافين ۾ چيڪ ورهايا. تقريب ۾ نائب صدر اظھر ڪريم جيلاني، جنرل سيڪريٽري عاطف بلوچ، جوائنٽ سيڪريٽري شاهد خاصخيلي، سينيئر صحافي سليم آزاد، شوڪت پنھور، واحد حسين پھلواني ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي صدر پريس ڪلب نذير پنھور چيو ته سنڌ حڪومت خاص طور صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ پريس ڪلب ۽ صحافين جي ھميشه مالڪي ڪئي آھي، اھو ئي سبب آهي ته سنڌ حڪومت پاران ھر سال ميرپورخاص پريس ڪلب کي گرانٽ ڏني وڃي ٿي، ھن وقت عيد جي موقعي تي پريس ڪلب جي مستحق صحافين کي مالي سهائتا جي حوالي سان چيڪ ڏيڻ وارو عمل ھڪ بھترين عمل آهي، جنھن تي سنڌ حڪومت ۽ واسطيدار اختياريون جس لهن. منھنجي صدر ٿيڻ بعد مون ھميشه صحافين جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button