ھڱورجا: جسقم جي شھيد نوجوان اڳواڻ لالا فھيم ميمڻ جي ورسي رسول آباد ۾ ملھائي وئي. ان موقعي تي جسقم جي اڳوڻي مرڪزي سينئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ جسقم اڳواڻن فقير امداد منگي، پنھل ساريو، ڪرم سامٽيو، مجيب ڀيلار ۽ علي عثمان ميمڻ شھيد لالا فھيم ميمڻ جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته لالا فھيم ميمڻ ھڪ بھادر ۽ سائين جي ايم سيد جو سچو سپاھي ھو، ھن سنڌ جي حقن ۽ آجپي لا جدوجھد ڪندي جام شھادت نوش ڪيو، سندس قومي جدوجھد ۽ قرباني کي ھميشه ياد رکيو ويندو. ورسي تقريب ۾ نور محمد شنباڻي، محسن ڀيلار، زاھد شنباڻي، رياض کوکر، عاشق منگي، شهاب ميمڻ، غفار سنڌي، منان سنڌي، فقير محمد علي منگي ۽ نسيم سھتو سميت ٻين قومي ڪارڪنن پڻ وڏي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close