اسلام آباد : فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائل خلاف درخواستن تي سپريم ڪورٽ ۾ شنوائي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس طارق مسعود جي اعتراضن کانپوءِ 9 رڪني بئنچ ٽٽي وئي ۽ چيف جسٽس 7 رڪني نئين بئنچ جوڙي ڇڏي. 9 مئي کانپو گرفتار ڪيل ماڻهن جو رڪارڊ طلب ڪيو ويو. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 9 رڪني بئنچ شنوائي شروع ڪئي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو اٽارني جنرل روسٽرم تي اچي، مون کي ڪجهه چوڻو آهي، عدالت کي شنوائي جو اختيار آئين جو آرٽيڪل 2/175 ڏئي ٿو، مان پنهنجي قومي ٻولي اردو ۾ ڳالهائيندس، تعجب ٿيو ته ڪالهه رات 8 وڳي ڪازلسٽ ۾ منهنجو نالو آيو، سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر تي ڪا ڳالهه نه ڪندس. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل اڃا ٺهيو نه هو ته 13 اپريل تي سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني بئنچ منع نامي جو حڪم ڏنو، سپريم ڪورٽ شنوائي جولاءِ تائين ملتوي ڪئي، سپريم ڪورٽ رولز پڙهو ڇا ٿا چون، آئين سپريم ڪورٽ کي شنوائي جو اختيار ڏئي ٿو، جج جو حلف چئي ٿو ته آئين ۽ قانون موجب فيصلو ٿيندو، پريڪٽس اينڊ پروسيجر هڪ قانون آهي، مان سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل ۾ بئنچ جو حصو ناهيان، ڪجهه نه چوندس. هن چيو ته ان کان اڳ هڪ پاڻمرادو نوٽيس منهنجي بئنچ ۾ شنوائي لاءِ مقرر ٿيو، مان پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته آئين جي آرٽيڪل 3-184 ۾ رولز ٺاهيا وڃن، ان کانپوءِ تعجب، ڏک ۽ صدمو ٿيو ته 31 مارچ تي عشرت علي صاحب سرڪلر جاري ڪيو، عشرت علي صاحب 31 مارچ جي سرڪلر ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ جي 15 مارچ جي حڪم کي نظرانداز ڪيو، پوءِ سپريم ڪورٽ 6 ميمبرن جي بئنچ ٺاهي سرڪلر جي منظوري ڏني ۽ منهنجو فيصلو واپس ورتو، منهنجا دوست يقينن مون کان قابل آهن پر مان پنهنجي ايمان تي فيصلو ڪندس. سندس چوڻ هو ته مون کي جيڪا درخواست رات دير سان وصول ٿي، ان ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي به درخواست هئي، اڄ ڪازلسٽ ۾ آخر ۾ ايندڙ درخواست سڀ کان اڳ مقرر ڪئي وئي، مان ان بئنچ کي “بئنچ” نٿو سمجهان، مان ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري رهيو آهيان، سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل جو فيصلو ڪيو وڃي، منهنجو موقف آهي ته جيستائين پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل کي ٺڪاڻي نٿو لڳايو وڃي تيستائين ڪنهن بئنچ ۾ نٿو ويهي سگهان. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته مان ۽ جسٽس طارق مسعود ٻڏتر ۾ هئاسين ته ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪيون يا نه، سڀني کان معذرت ٿو ڪيان، مان بئنچ مان اٿي رهيو آهيان، جيستائين سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر جو فيصلو نٿو ٿئي مان هن عدالت کي نٿو مڃان. ان موقعي تي ٻئي سينيئر جج طارق مسعود چيو ته مان به جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان اتفاق ڪيان ٿو، جيستائين انهن قانونن جو فيصلو نٿو ٿئي مان به بئنچ ۾ نٿو ويهي سگهان. چيف جسٽس عمر عطا بنديال ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ 7 رڪني بئنچ جوڙي ڇڏي، اعتراض ڪندڙ ٻئي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس طارق مسعود بئنچ ۾ شامل ناهن. ٻيهر شنوائي تي چيف جسٽس چيو ته توهان جي درخواست ۾ ڪيتريون ئي درخواستون گڏ ڪيون ويون آهن، فوجي عدالتن کانسواءِ ٻيون به درخواستون واپس وٺڻ جي ڪوشش ڪريو. ان تي وڪيل شعيب شاهين چيو ته فوجي عدالتون ٺاهڻ سان گڏ جڊيشل ڪميشن جي به درخواست ڪئي وئي آهي. چيف جسٽس چيو ته هن وقت فوجي عدالتن جي ڪيسن تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، هڪ ٻئي سان صلاح ڪري ٻڌائينداسين ته توهان کي الڳ ٻڌڻو آهي يا هڪ ئي ڪيس ۾ ٻڌنداسين. ان دوران لطيف کوسا آرٽيڪل 245 تحت فوج کي طلب ڪرڻ جو حوالو ڏنو، جنهن تي جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته منهنجو خيال آهي ته آرٽيڪل 245 تحت فوج کي طلب ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويو آهي. اٽارني جنرل چيو ته اها ڳالهه درست آهي. سردار لطيف کوسا چيو ته 9 مئي جي واقعن جا ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن، جيڪي 15 مئي تي ڪور ڪمانڊر اجلاس ۾ چيو ويو هو، فارميشن ڪانفرنس جو بيان به موجود آهي. چيف جسٽس لطيف کوسا کان پڇاڻو ڪيو ته پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته ناقابل ترديد ثبوت آهن، پوءِ ٽرائل فوجي عدالت ۾ ٿيندو؟ جنهن تي لطيف کوسا اثبات ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيو ته پريس رليز ۾ اهو ئي چيو ويو آهي، جنهن بعد هن پريس رليز پڙهي ٻڌايو. لطيف کوسا چيو ته ڇا مان ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس جو پڌرنامو پڙهان؟ ان تي جسٽس مظاهر نقوي چيو ته ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس جو اعلان درخواستن سان ڳنڍيو ويو آهي. ايڊووڪيٽ لطيف کوسا ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۽ فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس جا پڌرا پڙهيا ۽ چيو ته ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جو پڌرنامو آرٽيڪل 10 اي جي خلاف آهي، ڪانفرنس جو فيصلو سولين کي فوجي عدالتن ۾ هلائڻ جو فيصلو آئين جي خلاف آهي، سويلين نٿا ڪري سگهن. فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلايو وڃي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ٻڌايو ته ايف آءِ آر آهي؟ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڇا ٿيو؟ ٻڌايو ته ايف آءِ آر ڪهڙين شقن تي لاڳو ڪئي وئي.چيف جسٽس چيو ته اسان کي حقيقتن تائين محدود ڪيو وڃي، جنهن تي لطيف کوسا چيو ته اهو نٿو چوان ته 9 مئي جي ذميوارن کي آزاد ڪيو وڃي، ڪٿي به حملي جي ذميوارن کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته هنن سڀني بيانن ۾ ڏيکاريو ته ٽرائل ڪٿان شروع ٿيو؟ لطيف کوسا دهشتگردي ٽوڙ عدالتن مان جوابدارن جي حوالگي جا فيصلا پڙهڻ شروع ڪندي چيو ته ملڪ جي سموري فوجي قيادت بيٺي ۽ فيصلو ڏنو، ان جا ناقابل ترديد ثبوت آهن. جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته خبر ناهي ته ڪهڙيون شقون لاڳو ڪرڻ چاهين ٿيون، ٻڌايو! فوجي عدالتن ۾ ڪيترين ماڻهن جو ٽرائل ٿيڻو آهي؟ ان تي لطيف کوسا چيو ته سڄي ملڪ مان ماڻهو کڻي ويندا، توهان جج بهترين جج آهيو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته توهان اسان کي شرمسار نه ڪريو، ان تي عدالت جو ڪمرو کلڻ لڳو. لطيف کوسا شهرين جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل خلاف حڪم نامو طلب ڪري ورتو، سپريم ڪورٽ فوري حڪم نامو ڏيڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس چيو ته هر شيءِ جو جواب حڪم نه هوندو آهي، هاڻي حڪم نامو جاري نه ڪنداسين، اميد آهي ته فوجي عدالتي ٽرائل اڃا شروع نه ٿيو آهي، اٽارني جنرل صاحب توهان کي ٻڌڻ کانسواءِ فيصلو نه ڏينداسين. جلد ئي سمورين ڌرين کي ٻڌڻ کانپوءِ ڪيس جو فيصلو جاري ڪيو ويندو. جسٽس عائشا ملڪ چيو ته توهان جو معاملو رڳو اهو آهي ته سولين تي فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلي سگهن ٿا يا نه، سمجهه ۾ نٿو اچي ته توهان آرمي ايڪٽ جي شقن کي ڇو چيلينج ڪري رهيا آهيو. جسٽس منيب اختر چيو ته جڏهن دهشتگردي ٽوڙ عدالت کي آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ تحت شنوائي جو اختيار ناهي ته ڇا اها ڪنهن شخص کي فوج حوالي ڪري سگهي ٿي؟ جسٽس عائشا ملڪ چيو ته شهرين تي آرمي ايڪٽ جي ڪهڙي شق تحت ڪيس هلي سگهي ٿو؟ توهان چئو ته اهڙي ڪا به گنجائش ناهي، لطيف کوسا چيو ته ايڪٽ تحت رڳو شهرين تي ڪيس نه ٿو هلي. جسٽس عائشه چيو ته توهان جو سمورو ڪيس سيڪشن 2 ڊي سان لاڳاپيل آهي، توهان قانون کي چئلينج ڇو ڪيو؟ جسٽس منصور علي شاهه چيو ته آرمي ايڪٽ ۾ سزا اينٽي ٽيررازم ايڪٽ کان گهٽ آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close