اسلام آباد : ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار واضح ڪيو آهي ته ٻوڏ متاثرن کي ڪڏهن به نه وسارينداسين، 15 جولاءِ تائين بحالي ۽ تعمير جو ماسٽر پلان جوڙيو ويندو. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت غريب ماڻهن ۾ 100 ارب رپيا شفاف طريقي سان ورهايا ويا. هي ٻوڏ متاثرن جو حق هو، ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ 16 ڏهائي 3 ارب رپيا گهربل آهن. ٻوڏ ۾ سڀ کان وڌيڪ سنڌ جا ماڻهو متاثر ٿيا آهن، 11 ارب رپين جا منصوبا سنڌ لاءِ هوندا. ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ سنڌ حڪومت جو 50 ارب رپين جو ڪاٿو آهي، جنهن مان 25 ارب وفاقي حڪومت ادا ڪندي ۽ 25 ارب رپيا سنڌ حڪومت فراهم ڪندي. اهڙي طرح منصوبو 50 سيڪڙو جي حساب سان اڳيان وڌندو. خميس تي قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن جي منصوبن جي حوالي سان گذريل جمعي ۽ سومر تي اسان جي نتيجا ڏيندڙ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ناڻي وزير چيو ته ٻوڏ کان پوءِ امداد ۽ بحالي لاءِ 100 ارب رپين جي فوري ضرورت هئي جنهن مان 80 ارب رپيا ان وقت جاري ڪيا ويا. هنگامي بنيادن تي اين ڊي ايم اي جي اسٽور مان سامان ورتو ويو، ڪجهه ڏينهن اي سي سي اين ڊي ايم اي کي پنهنجي اسٽاڪ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 12 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني. ناڻي واري وزير چيو ته گذريل سال آيل ٻوڏ کان پوءِ عالمي بئنڪ ايشيائي ترقياتي بئنڪ يورپي يونين، يو اين ڊي پي ۽ رٿابندي وزارت جي ٻڌل هڪ باڊي جوڙي وئي جنهن مفصل رپورٽ تيار ڪئي. ناڻي واري وزير چيو ته اسان جيڪا مشاورت ڪئي آهي ان تحت 16 ڏهائي 3 ارب ڊالر وارن منصوبن جو ماسٽر پلان 15 جولاءِ تائين مڪمل ٿي ويندو. گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري جي تعاون سان جنيوا ڪانفرنس ۾ پاڪستان لاءِ 8 ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ واعدا ٿيا هئا پر ڪهڙو ڊونر ڪنهن منصوبي لاءِ مدد فراهم ڪندي ان تي فيصلو اڃا ٿيڻو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته 3 اهڙا منصوبا هئا جيڪي ترت ڌيان طلب هئا، ان ۾ پهريون منصوبو سنڌ ۾ فلڊ ايمرجنسي هائوسنگ پروجيڪٽ جو منصوبو آهي جنهن جي ماليت 727 ملين ڊالر آهي. ان رٿا لاءِ ايندڙ مالي سال ۾ 50 ارب رپيا رکيا ويا آهن جنهن ۾ 25 ارب رپيا وفاقي حڪومت ۽ 25 ارب رپيا سنڌ حڪومت ڏيندي. وفاقي حڪومت پاران فراهم ڪيل فنڊن جو تفصيل بجيٽ دستاويزن ۾ شامل ڪيو ويندو. ناڻي واري وزير چيو ته اهڙي طرح پاڻي جي سپلاءِ جي ڪي فور رٿا لاءِ ايندڙ سال ۾ 6 ارب رپيا گهربل آهن جن ۾ 3 ارب رپيا وفاقي حڪومت ۽ 3 ارب رپيا سنڌ حڪومت فراهم ڪندي. اهڙي طرح ٻوڏ متاثر 1800 اسڪولن جي تعمير مرمت ۽ بحالي جي منصوبي لاءِ 11 ڏهائي 9 ارب رپيا گهربل آهن. هي منصوبو به برابري جي بنياد تي مڪمل ٿيندو. ايندڙ مالي سال ۾ هن منصوبي لاءِ 4 ارب رپيا گهربل آهن جن مان 2 ارب رپيا وفاقي حڪومت ۽ ٻه ارب رپيا سنڌ حڪومت فراهم ڪندي. ناڻي واري وزير چيو ته بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جا منصوبا به انهي بنياد تي مڪمل ٿيندا، انهن رٿائن ۾ ڪوئي فرق ناهي ڪيو ويو ڇو ته ٻوڏ متاثرن علائقنج ي رپورٽ عالمي ادارن جي ماهرن تي ٻڌل ٽيم ٺاهي آهي. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو بجيٽ 450 ارب رپين تائين ٿي ويو آهي شازيه مري سٺو ڪم ڪري رهي آهي. بي آئي ايس پي ان جو برين چائلڊ آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close