اسلام آبادپاڪستان

هولي تي پابندي بابت سخت احتجاج بعد ايڇ اي سي فيصلو واپس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد : هائير ايجوڪيشن ڪميشن گذريل ڏينهن هولي تي پابندي بابت جاري ڪيل پنهنجو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو. ايڇ اي سي طرفان چيو ويو آهي ته هدايت نامي کي غلط انداز ۾ پيش ڪيو ويو، ادارو سڀني مذهبن، فردن ۽ گروهن جي مذهبي عقيدن جو احترام ڪري ٿو. نئين پڌرائيءَ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن ملڪ ۾ سڀني تهوارن کي آزادي سان ملهائڻ تي يقين رکي ٿي. پڌرائيءَ موجب ايڇ اي سي جي هدايت نامي کي پابندي سمجهيو ويو، ڪيمپسز ۾ مذهبي عقيدن ۽ ملڪي نظريي موجب هر شاگرد کي تقريبن جي آزادي حاصل آهي، ڇو ته ايڇ اي سي جو غلط مطلب ورتو ويو آهي، تنهن ڪري نوٽيفڪيشن واپس ورتو وڃي ٿو. واضح رهي ته اسلام آباد جي قائداعظم يونيورسٽي ۾ هولي ملهائڻ جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) سڀني تعليمي ادارن ۾ هولي تقريبن تي پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو. ان کانپو سنڌ سميت ملڪ جي سول سوسائٽي سميت هر طبقي طرفان ان عمل جي مذمت ڪندي سوشل ميڊيا تي وڏو احتجاج ڪيو ويو، جنهن کانپو ايڇ اي سي کي نوٽيفڪيشن واپس وٺڻو پئجي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button