اسلام آباد :پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جاپاني پرڏيهي وزير يوشي ماسا هايا شي جي دعوت تي ٻه کان 3 جولاءِ تائين جاپان جو سرڪاري دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هتي پريس بريفنگ ۾ ٻڌيو ته پرڏيهي وزير ٽوڪيو ۾ جاپاني پرڏيهي وزير يو شي ماسا هاياشي سان اهم ڳالهه ٻولهه ڪندو. ٻئي پرڏيهي وزير ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري، سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالوجي، ثقافت ۽ انساني وسيلن جي ترقي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ٻئي اڳواڻ اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪندا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close