اسلام آبادپاڪستان

يونان حادثو،82 ماڻهن جا لاش مليا،فوتگين ۾ واڌ جو خدشو آهي:گهرو وزير

اسلام آباد : وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله يونان ۾ ٻيڙي حادثي بابت انڪشاف ڪيو آهي ته فوتي 82 پاڪستاني ماڻهن جا لاش ملي چڪا آهن، انهن جا جزا ورتا ويا آهن. نادرا ذريعي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي، بغير بزنس ڪيئن انهن ملڪن هزارن جي انگ ۾ ويزا ڏنا. جمعي تي قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ايترو نمبر شايد ڪنهن حادثي ۾ نه هجي اندازو ڪيو وڃي الله ڪري ته ٻيا ماڻهو هٿ اچي وڃن پر فوتگين جو انگ اڃا وڌي سگهي ٿو. هن وقت تائين پاڪستان ۾ 281 فئمليز رابطو ڪري ٻڌايو آهي ته سندن پيارا هن حادثي جو شڪار ٿي سگهن ٿا. ان ڏس ۾ باقاعدي ڊيسڪ قائم ڪيا ويا آهن سمورين فئمليز سان رابطو ٿي چڪو آهي. هن چيو ته هن وقت تائين 193 جي لڳ ڀڳ ڊي اين اي جا نمونا حاصل ڪري چڪا آهيون. ان ڏس ۾ اعليٰ سطح جي انڪوائري ڪميٽي وزيراعظم مقرر ڪئي آهي، اها ڪميٽي ٽن ايرياز ۾ ڪم ڪري رهي آهي، هڪ ته جيڪي ماڻهو انساني اسمگلنگ جي هن ڏوهه ۾ ملوث آهن انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته هڪ ته قانون ۾ ترميمن جي تجويز ڏني پئي وڃي ته جيئن اهو ڏسي سگهجي ته ڪيئن هن ڪڌي ڌنڌي ۾ ملوث مافياز آهي ان کي سزا ڏئي سگهجي. ٻيو اهو آهي ته جيترا به ماڻهو ويا آهن انهن مان 99 سيڪڙو ماڻهو قانوني طريقي سان ويا آهن يعني هي 3 روٽ آهن مصر، لبيا ۽ يو اي اي. پاڪستان مان جڏهن هي ويا آهن ته هي قانوني ويزا سان ويا آهن ۽ اتي وڃي هي غيرقانوني ٿي وڃن ٿا. وفاقي وزير وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ڊرامائي تبديليون ڏسڻ ۾ آيون، عدالت جو اهو اختيار نه آهي ته اها قانون جي مٿان ويهي نامزد چيف جسٽس چيو ته هي بئنچ غيرقانوني آهي پر بئنچ پوءِ به بضد آهي ۽ فيصلا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. سينيئر جج بئنچ کي غيرآئيني ۽ غيرقانوني قرار ڏنو آهي، انديشو آهي ته هن بئنچ جو فيصلو به 14 مئي جي اليڪشن جي فيصلي جي ور نه چڙهي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button