اسلام آبادپاڪستان

قانون جي هر هر تشريح ڪرڻ سان تڪرار جنم وٺندا آهن:چيف جسٽس

اسلام آباد : چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته قانون جي هر هر تشريح سان تڪرار جنم وٺندا آهن. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ آئين ۽ قانون تي عملداري جي ڳالهه ٿيندي آهي. اسان قانون بابت ۽ عوامي اهميت جو معاملو ڏسندا آهيون، اسان پنهنجي اختيارن جو تمام محتاط ٿي استعمال ڪندا آهيون. هن چيو ته عدالتون حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ سوال اٿارينديون آهن، قانون جي هر هر تشريح سان تڪرار جنم وٺندا آهن ۽ تڪرارن کي ماهرن ذريعي حل ڪرڻ گهرجي، ٽربيونلز نه ٺهڻ سبب عدالتن تي بار وڌندو آهي. چيف جسٽس چيو ته واپاري سرگرميون وڌڻ سان معيشت مضبوط ٿيندي، ڪاروبار لاءِ ريگيوليٽري سسٽم جي ضرورت آهي ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ ۾ شفافيت آڻڻ جي ضرورت آهي. بزنس جي ترقي لاءِ حڪومت جا رابطا بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. بزنس مين جي اچڻ ۽ فيصلي ڪرڻ لاءِ بهتري جو تسلسل ضروري هوندو آهي. بي يقيني ٿي ته مختصر مدي جا فيصلا ورتا ويندا آهن.هن چيو ته پاڪستان ۾ آءِ پي پيز آيون، ڇو ته حڪومت 30 سالن جي ٽيرف جي گارنٽي ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button