اسلام آباد : ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته آ ايم ايف جا وڌيڪ 215 ارب رپين جا ٽيڪس لڳائڻ وارو شرط مڃي ورتو آهي.آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو ٿي وڃي ته بسم الله، نه ته اسان جو گذارو ٿئي پيو.قومي اسيمبلي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اسحاق ڊار چيو ته وفاقي حڪومت جي خرچن جو ڪاٿو 14 هزار 480 ارب رپيا ٿي ويندو، بجيٽ ۾ بهتري آئي آهي، مالياتي خساري ۾ 300 اربن جو فائدو ٿيندو. هن چيو ته پينشن جو ڪاٿو 761 ارب رپين مان وڌي 801 ارب رپيا ٿي ويندو، ايندڙ مالي سال ۾ سبسڊي جو ڪاٿو 1064 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. ٻاهرين فنانسنگ ۾ گهٽتائي سبب 213 اربن جا نوان ٽيڪس لڳائي رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته اسان جاري خرچن ۾ 85 ارب رپين جي گهٽتائي ڪنداسين، اها ڪٽوتي نه پي ايس ڊي پي ۾ ڪئي ويندي نه پگهارن ۽ پينشن تي لاڳو ٿيندي. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف سان سمورا شرط پورا ڪري ڇڏيا آهن ۽ آءِ ايم ايف جي سڀني نڪتن تي عملدرآمد ڪيو ويو آهي، آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو ٿي وڃي ته بسم الله، نه ته اسان جو گذارو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته هلندڙ مالي سال ۾ سرڪاري خرچن تي 15 سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي وئي، وفاقي پينشن جي خرچن ۾ فوري طور سڌارن جي ضرورت آهي، وفاقي ملازمن لاءِ ڪنٽري بيوٽري اسڪيم کي لاڳو ڪرڻو پوندو، ايندڙ مالي سال لاءِ پينشن فنڊ قائم ڪيو ويو آهي، پينشن فنڊ لاءِ روزل اينڊ پروسيجر تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته ڪيترائي هاءِ پروفائل ملازم هڪ کان وڌيڪ ادارن مان پينشن وصول ڪري رهيا آهن، ڪجهه ماڻهو ٽن ٽن ادارن کان پينشن وٺي رهيا آهن، جيڪو ملڪ برداشت نٿو ڪري سگهي، رٽائرڊ آفيسر هاڻ 17هين يا مٿئين گريڊ ۾ رٽائر ٿيو ته رڳو هڪ اداري مان پينشن وٺي سگهندو. هن چيو ته بجيٽ ۾ سينيٽ جي 59 مان 19 سفارشون عام نوعيت جون هيون، جن ۾ وياج ختم ڪرڻ جي سفارش سميت ڪيتريون ئي تجويزون منظور ڪيون ويون آهن. هن چيو ته سپر ٽيڪس گذريل سال متعارف ڪرايو ويو هو ۽ ان ۾ وڌيڪ بهتري ڪئي وئي آهي، جيڪا 300 ملين رپين مان وڌائي 500 ملين رپيا ڪئي وئي آهي ۽ اهو صرف انهن تي لاڳو آهي جيڪي ان کي برداشت ڪن. ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي نتيجي ۾ 215 ارب رپين جو نئون ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو شرط قبول ڪيو آهي، 85 ارب رپيا ڪٽيا ويندا پر اها ڪٽ ترقياتي بجيٽ ۾ نه هوندي ۽ نه ئي ٿيندي. سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ گهٽتائي نه ٿيندي، پينشن ۾ ڪا گهٽتائي نه ٿيندي. آءِ ايم ايف اسان جون ڳالهيون مڃي ورتيون، 215 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳائڻ سان ايف بي آر جو ٽيڪس جو هدف 9 هزار 200 ارب رپين مان وڌائي 9 هزار 415 ارب رپيا ڪيو ويو آهي، صوبن جو حصو 5 هزار 276 ارب رپين مان وڌي ويو آهي. اهو وڌي 5 هزار 390 ارب ٿي ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close