پاڪستانسنڌ

ڍوري ناري ۾ عورت زهريلي دوا سبب فوت، مڙس تي الزام، لاش رکي ڌرڻو

عمرڪوٽ/ ڍورونارو: عمرڪوٽ ۾ عورت زهريلي دوا سبب فوت ٿي وئي، وارثن قتل جو الزام هڻندي لاش رکي ڌرڻو هنيو. ڍورونارو جي حد ڳوٺ کڻھار ۾ 35 ورهين جي عورت جمنا زال امولک ڀيل زھريلي دوا سبب فوت ٿي وئي. واقعي جي اطلاع تي پوليس پھچي عورت جو لاش کڻائي سول اسپتال عمرڪوٽ آندو ويو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. عورت جمنا جي پي گودو ۽ مامي ساھو ڀيل جي اڳواڻي ۾ وارث لاش الله چوڪ تي رکي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، ڌرڻي سبب ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل رھي، وارثن انصاف لا نعريبازي ڪئي. عورت جي وارثن الزام ھڻندي چيو ته جمنا جي جيٺ منگل، ڏير چيتن ۽ مڙس امولک جمنا کي زبردستي زھريلي دوا پياري قتل ڪيو آھي، اسان جي ڌي کي قتل ڪري اسان کي اطلاع ئي نه ڏنو ويو، لاش کڻائي اسپتال پهتا ته اسان کي خبر پئي، جمنا جو جيٺ منگل دوستي رکڻ لاءِ تنگ ڪندو ھو، برادري ۾ اڳ فيصلا ٿي چڪا آھن. هنن گهر ڪئي ته ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. ان سلسلي م رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او اصغر سيلرو ٻڌايو تہ اسان معاملي جي جاچ ڪريون پيا. وارثن سان انصاف ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button