پاڪستانسنڌ

عثمان شاهه هڙي ۾ برساتن دوران بند بجلي بحال نه ٿي

عثمان شاھه ھڙي: چوماسي طوفاني برساتن دوران يوسي ڊاسوري ۽ هنگوراڻي جي ڳوٺن حاجي خدا ڏنو مير جت، فيض محمد بلوچ، نياز کوسو، مٺو خان ميرجت، محمد ابراهيم سينھڙو، يوسف ملاح، جان محمد جمالي، گل محمد پلي، شاھبيگ کوسو، عباس ڪالرو ۽ نظاماڻي فارم سميت ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن جي ٿنڀا ڪرڻ ۽ تارون ٽٽڻ سبب بند ٿيل بجلي اڃان تائين بحال نه ٿي سگهي آهي، جنهن سبب هزارين ماڻهو آزار ۾ آهن. ان سلسلي ۾ رهواسين حاجي خادم حسين کوسو، ابراهيم کوسو، الهڏنو ملاح، قادر پلي، اسماعيل پلي، ممتاز راڄڙ، منٺار ميرجت، پوڙھو سينهڙو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ڳوٺن جي بجلي لائين ٽنڊوآدم کان ايندي آھي، پر گذريل سال طوفاني برساتن دوران ٿنڀا ڪرڻ ۽ تارون ٽٽڻ سبب بجلي مڪمل طور بند آھي، ان باوجود ڳرا بل اچي رهيا آهن، ڪيترائي ڀيرا حيسڪو عملدارن کي 30 کان وڌيڪ ڳوٺن جي بند بجلي بحال ڪرڻ جو چيو آهي، پر عملدار ٻڌن ئي نٿا، ان ڪري ڪيترائي ڳوٺاڻا لڏپلاڻ ڪري ويا آهن، بجلي نه هجڻ سبب سخت پريشان آهيون. هنن چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي ته جلد بجلي بحال ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button