پاڪستانسنڌ

مقصودورند ۾ نوجوان جي قتل ڪيس ۾ 4 جوابدار گرفتار

مقصودو رند: مقصودو رند ويجھو ڳوٺ احمد خان ڇٽو ۾ 3 ڏينھن اڳ بيدرديءَ سان قتل ڪيل نوجوان ياسين ڇٽو جي قتل ڪيس ۾ نامزد 4 چئن جوابدارن ممتاز بروھي، عبدالنبي بروھي، وزير بروھي ۽ اڪبر خاصخيلي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل چئني جوابدارن کي اڄ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. واضع رھي ته 3 ڏينھن اڳ بيدرديءَ سان قتل ڪيل نوجوان ياسين ڇٽو جو لاش ڳوٺ احمد خان ڇٽو ۾ وونئڻن جي فصل مان ھٿ آيو ھو. جڏھن ته مقتول جي ڀا الاھي بخش ڇٽو جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو ھو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button