پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم لڳ جوابدار گهر ۾ گهڙي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم لڳ ڳوٺ خدا آباد ۾ جوابدار گهر ۾ ڏوھه جي ارادي سان داخل ٿيو ته گهرڌڻي 35 ورهين جو لياقت کوسو سجاڳ ٿي پيو، جنهن مزاحمت ڪندي جوابدار کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران جوابدار خنجر جا وار ڪري لياقت کوسو کي شديد زخمي ڪري وڌو ۽ فرار ٿي ويو، وارثن زخمي نوجوان کي تعلقي اسپتال آندو، جتي زخمن جي سٽ نه سهندي هو فوت ٿي ويو. ان سلسلي ۾ وارثن جو چوڻ آھي ته اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي، لڳي ٿو ته جوابدار ڏوهھ جي ارادي سان گهر ۾ داخل ٿيو ۽ مزاحمت دوران واقعو پيش آيو. تعلقي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ۽ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي ڳوٺ مٺو کوسو کڻائي ويا، جتي آخري رسمن بعد مرحوم جي گل گجڻ قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي. ٻئي طرف ايس ايڇ او بي سيڪشن جو چوڻ آھي ته هڪ جوابدار جا پيرا مليا آھن، جيڪي اسان کڻي وڃي رهيا آھيون، جاچ ڪريون پيا، جنهن بعد ئي اصل حقيقت بابت پتو پئجي سگهندو، لياقت کوسو فشريز کاتي ڪراچي ۾ ايڊهاڪ تي ڊرائيور هو، جيڪو ڪجھه ڏينهن اڳ خدا آباد گهر آيو هو، مقتول پرڻيل ۽ فيملي سان رهندو هو. سندس قتل جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button