پاڪستانسنڌ

ليفٽيننٽ جنرل سميت 3 اعلي‌ٰ آفيسر برطرف، وڌيڪ 15 خلاف ڪاروائي، 9 مئي سانحي جا ذميوار بخش نه ڪيا ويندا: پاڪ فوج

راولپندي: پاڪ فوج 9 مئي جي سانحي کانپو ڪاروائي ڪندي ليفٽيننٽ جنرل سميت ٽن سينيئر اعليٰ آفيسرن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته 3 ميجر جنرلز ۽ 7 برگيڊيئرز سميت 15 آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وئي آهي، آ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته 9 مئي جو سانحو پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي سازش آهي، جنهن کي ڪڏهن به نه وساريو ويندو، 9 مئي ۾ ملوث ماڻهن خلاف فوجي ٽرائيل ڪيو پيو وڃي ۽ اها ڪاروائي جاري رهندي. پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته مفصل احتسابي عمل کانپوءِ جاچ سفارشن جي روشني ۾ گيريزن، فوجي ٺڪاڻن، جي ايڇ ڪيو ۽ جناح هائوس جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ ۾ ناڪامي تي ليفٽيننٽ جنرل سميت 3 فوجي آفيسرن کي نوڪري مان ڪڍيو ويو آهي، 3 ميجر جنرلن، 7 برگيڊيئرن سميت 15 آفيسرن خلاف سخت ضابطي واري ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي. اڳوڻي فور اسٽار جنرلن جي ڏوهٽي، ناٺي، گهر واري، اڳوڻي ٽو اسٽار جنرل جي گهر واري ۽ ناٺي، پاڪ فوج جي احتسابي عمل مان گذري رهيا آهن. آرمي ايڪٽ تحت 9 مئي جي سانحي جي 102 ذميوارن خلاف ٽرائل جاري آهي، 9 مئي جو واقعو اوچتو نه ٿيو پر ان جو هڪ مقصد منصوبا بندي ۽ سوچ هئي، ان سانحي جو الزام پاڪ فوج تي لڳائڻ وڌيڪ شرمناڪ آهي. اهڙو اظهار هن سومر ڏينهن آءِ ايس پي آر ڊائريڪٽوريٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته پريس ڪانفرنس جو مقصد 9 مئي جي واقعن بابت آگاهه ڪرڻ آهي، 9 مئي جي واقعن ثابت ڪيو ته جيڪو ڪم دشمن نه ڪري سگهيو، اهو ڪجهه شرپسندن ڪري ڏيکاريو، 9 مئي جو سانحو پاڪستان خلاف تمام وڏي سازش هئي، ان سازش لاءِ سوشل ميڊيا تي ڪوڙ ڦهلايو ويو. هن چيو ته اڃا تائين جاچ ۾ ڪيتريون ئي شاهديون ملي چڪيون آهن ۽ ملي به رهيون آهن. پاڪ فوج هر گذرندڙ ڏينهن عظيم شهيدن جي جنازن کي ڪلهو ڏئي رهي آهي. روزاني جي بنيادن تي دهشتگردن جو خاتمو ڪيو پيو وڃي، 9 مئي تي پاڪستان جي شهيدن جي خاندانن جي دل آزاري ڪئي وئي، شهيدن جا پونيئر اڄ سوال ڪري رهيا آهن ته ڇا انهن جي پيارن قوم لاءِ جان ان ڪري ڏني هئي؟ شهيدن جا وارث سوال ڪري رهيا آهن ته ملوث ماڻهو ڪڏهن قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندا ويندا، آرمي جا سڀئي رينڪس سوال اٿاري رهيا آهن ته اسان جي شهيدن جي يادگارن جي اهڙي ريت بيحرمتي ٿي رهي آهي ته اسان کي پنهنجي جان قربان ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ هن چيو ته 9 مئي جو سانحو انتهائي افسوسناڪ هو، سانحي جي منصوبا بندي ڪيترن ئي مهينن کان هلي رهي آهي، ان چڙ ڏياريندڙ بيانئي سان ماڻهن جي ذهن سازي ڪئي وئي، جيڪو ڪم دشمن نه ڪري سگهيو، اهو ڪجهه ماڻهن ڪيو، دهشتگردي خلاف آپريشن جاري آهي. پاڪ فوج خلاف زهريلي پروپئگنڊا ڪئي پئي وڃي. فوج کي ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي عوام کان ڌار نٿو ڪري سگهجي. هڪ سال کان سياسي مقصدن ۽ اقتدار جي حوس ۾ ڪوڙي پروپئگنڊا هلائي وئي، پاڪ فوج جي فيصلي سازي ۾ مڪمل هم آهنگي ۽ شفافيت آهي. هن چيو ته هلندڙ سال 95 آفيسرن ۽ جوانن شهادت جو رتبو ماڻيو، دهشتگردي خلاف ڪامياب جنگ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندي، پاڪ فوج ملڪ جي دفاع ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ قربانيون ڏيندي رهندي. عوام جو اعتماد آهي ته حالتون ڪهڙيون به هجن فوج ڪنهن به قرباني کان پوئتي نه هٽندي. هن چيو ته 9 مئي جي سانحي کي وساري نه سگهبو ۽ نه ئي ملوث عنصرن کي معاف ڪيو ويندو، سڀني ملوث ڪردارن کي پاڪستان جي آئين ۽ قانون تحت سزا ڏني ويندي. ان عمل کي انجام تائين پهچائڻ ۾ رڪاوٽ وجهندڙن خلاف سختي سان منهن ڏنو ويندو. فوج پنهنجي روايتن مطابق خود احتسابي مرحلي کي مڪمل ڪيو، مفصل احتسابي عمل کان پوءِ فيصلو ڪيو ويو ته سيڪيورٽي ۾ ناڪامي جي ذميوارن خلاف ڪاروائي عمل ۾ آندي وڃي، فوجي ٺڪاڻن ۽ جي ايڇ ڪيو جي سيڪيورٽي جي ذميوارن خلاف ڪاروائيون ڪيون ويون آهن. هڪ ليفٽيننٽ جنرل سميت ٻين 3 کي عهدي تان هٽايو ويو آهي. فوجي ٺڪاڻن ۽ جي ايڇ ڪيو جي سيڪيورٽي جي ذميوارن خلاف ڪاروائيون ڪيون ويون آهن. 3 ميجر جنرل، 7 برگيڊيئرن سميت 15 آفيسرن خلاف ضابطي واري ڪاروائي ڪئي وئي. هن چيو ته هڪ رٽائرڊ فور اسٽار جنرل جي ڏوهٽي ۽ هڪ رٽائرڊ فور اسٽار جنرل جو ناٺي گرفتار آهي جڏهن ته هڪ رٽائرڊ ٿري اسٽار جنرل جي گهر واري، هڪ رٽائرڊ ٽو اسٽار جنرل جي گهر واري ۽ ناٺي احتسابي عمل مان گذري رهيا آهن. هن چيو ته فوجي عدالتن ۾ 102 شرپسندن جو ٽرائل ڪيو پيو وڃي ۽ اهو جاري رهندو. فوجي عدالتن بابت سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس هلي رهيو آهي. هن وقت سڄي ملڪ ۾ 17 اسٽينڊنگ ڪورٽون ڪم ڪري رهيون آهن، فوجي عدالتون 9 مئي کان پوءِ وجود ۾ ناهن آهيون، اهي پهرين کان موجود ۽ فعال هيون. ثبوتن ۽ قانون مطابق سول ڪورٽ انهن ڪيسن کي فوجي عدالتن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. ثبوت ڏسڻ کان پوءِ قانون مطابق سول ڪورٽ اهي ڪيس فوجي عدالتن ڏانهن موڪليا آهن، انهن سڀني جوابدارن کي مڪمل قانوني حق حاصل آهن، انهن کي اپيل جو به حق حاصل آهي. انهن جوابدارن کي سپريم ڪورٽ ۾ به اپيل جو حق حاصل آهي. هن چيو ته انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس ان کي پوري جاچ کانپوءِ ويلي ڊيٽ ڪيو، سزا ۽ جزا انساني معاشرو، مذهب ۽ پاڪستان جي آئين جو حصو آهي، اسان لاءِ پاڪستان جو آئين سڀ کان مٿانهون آهي. 9 مئي جي سانحي کي فوج ۽ ايجنسين تي مڙهڻ کان وڌيڪ ٻي شرمناڪ ڳالهه نٿي ڪري سگهجي. گرفتاري جي ڪجهه ڪلاڪن ۾ 200 جاين تي فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪرايو ويو، ڇا فوج پاڻ پنهنجي خلاف ذهن سازي ڪرائي؟ ڇا سڀني فوجي ٺڪاڻن تي فوج پاڻ حملو ڪرايو؟ سوال ڪيان ٿو ته ڇا فوج پنهنجا ايجنٽ پهرين ئي ويهاريا هئا؟ ڇا اسان پنهنجي فوجين کان پنهنجي شهيدن جي يادگارن کي ساڙايو، جڏهن اهو سلسلو هلي رهيو هو ته نامي ۽ بي نامي اڪائونٽ ڪير هلايو رهيو هو ته وڌيڪ ساڙيو؟ هن ٻڌايو ته ملٽري ليڊرشپ ۽ پاڪ فوج 9 مئي جي ذميوارن کان مڪمل آگاهه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سوشل ميڊيا تي پروپئگنڊا پاڪستان لاءِ وبا جي صورتحال اختيار ڪري وئي آهي، 9 مئي تي سوشل ميڊيا تان تباهي ڦهلائڻ لاءِ ناپاڪ مهم هلائي وئي، 9 مئي جا ماسٽر مائينڊ اهي آهن جيڪي فوج خلاف ذهن سازي ڪندا آهن. 9 مئي جي واقعي جا ذميوار انساني حقن جي واويلا ڪري لڪي نٿا سگهن. هن چيو ته 9 مئي جي واقعن جو مقصد فوج کي چڙ ڏياري فوري رد عمل تي مجبور ڪرڻ هو، 9 مئي جي واقعن تي فوج گندي سازش کي ناڪام بڻايو، پاڪ فوج جي هر آفيسر ۽ جوان جي اولين ترجيح رياست پاڪستان آهي. هن چيو ته غيرارادي غلطين تي آفيسرن کي سزائون ڏنيون ويون، 9 مئي جو سانحو پاڪستان خلاف تمام وڏي سازش هو، هڪ سياسي پارٽي پنهنجي ماڻهن کي پنهنجي فوج تي حملو ڪرڻ جو چوندي، ايئن ڪڏهن به نه سوچيو هو جيڪي نقصان ٿيا انهن تي سسٽم مطابق جاچ ڪئي وئي، ان سڄي ڪهاڻي سان ڪوڙا بيانا به بڻايا پيا وڃن. هن چيو ته جڏهن به ڪو نقصان ٿيندو آهي ته فوج جاچ ڪندي آهي، جن آفيسرن جي غفلت يا ڪوتاهي ٿي انهن کي سزائون ڏنيون ويون، فوري رد عمل نه ڏئي فوج گندي سازش کي ناڪام بڻايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button