پاڪستانسنڌ

دبئي ۾ آصف زرداري ۽ نوازشريف جي ڊگهي ملاقات،پنجاب ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي ڳالهيون

دبئي ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف وچ ۾ ڊگهي ملاقات ٿي آهي. ملاقات ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس جو پهريون حصو مڪمل ٿي ويو آهي، ملاقاتون ٻيهر ٿينديون، ذريعن جو چوڻ آهي ته نومبر ۾ عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ بحث مباحثا ٿيندا. واضح رهي ته متحده عرب امارات جو شهر دبئي اڄڪلهه پاڪستان جي سياست جو مرڪز بڻجي ويو آهي، مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ۽ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت جا دبئي شهر پاڪستان جي سياست جو مرڪز بڻيل آهن. گذريل ڏينهن دوران دبئي ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري دبئي ۾ مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر مريم نواز سان ملاقات ڪئي هئي. ٻئي طرف پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن جي اعليٰ قيادت وچ ۾ ٿيل ملاقاتن جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. ذريعن موجب پيپلز پارٽي ن ليگ کان پنجاب سميت ٻين صوبن ۾ سيٽن جي گهر ڪري ورتي آهي. جنهن بعد نواز ليگ گيلاني خاندان، راجا پرويز اشرف، قمر زمان ڪائره ۽ نديم افضل چن سميت ٻين ڪجهه تڪن تي پنهنجا اميدوار نه بيهاريندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف به لنڊن کان دبئي پهچندو ۽ ايندڙ ملاقاتن ۾ شرڪت ڪندو، دبئي ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ نگران وزيراعظم جو نالو به فائنل ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ساڳئي ملاقات دوران ٻنهي پارٽين پاران چونڊن جي تاريخ کي به حتمي شڪل ڏني ويندي، جڏهن ته اسيمبلي جو مدو پورو ٿيڻ کان اڳ اسيمبلي ٽوڙڻ واري معاملي تي به غور ڪيو ويندو، ذريعن موجب ن ليگ جا ڪجهه مرڪزي اڳواڻ اجلاس ۾ شرڪت لاءِ دبئي ويندا، اجلاس ۾ استحڪام پاڪستان ۽ مسلم ليگ (ق) جي سيٽن جي تعداد تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر مريم نواز سان ملاقات ٿي هئي، جنهن ۾ مريم نواز گذريل ڏينهن خصوصي ملاقاتن تي پ پ قيادت کي اعتماد ۾ ورتو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button