گهوٽڪي: گهوٽڪي ڀرسان پوليس پاران مقابلن ۾ 5 ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي. ان حوالي سان ايس ايس پي گهوٽڪي جي ترجمان چيو آهي ته ڪالهه صبح جو ڪچو ٻنڊي ٽو ٿاڻي جي حد ڳوٺ رحمت جاگيراڻي ۾ ڌاڙيلن ۽ پوليس ۾ مبينا مقابلو ٿيو، جنهن دوران مختيار جاگيراڻي مقابلي ۾ مارجي ويو. جڏهن ته سندس ٽي ساٿي ڌاڙيل گولو پٽ ولي داد جاگیيراڻي، نظام دين پٽ عبدالغفور جاگيیراڻي ۽ مشغول پٽ انور جاگيیراڻي زخمي ٿي پيا. پوليس موجب ڌاڙيل مختيار جاگيراڻي جي مارجڻ بعد ڌاڙيلن جي ٽولي قطب جاگيراڻي تي پوليس جي مدد جو الزام هڻندي سندس گهر تي ڪاهه ڪئي، حملي دوران پوليس به پهتي ۽ مقابلي ۾ سنڌ حڪومت پاران 5 لک انعام مقرر ٿيل ڌاڙيل وينگس پٽ قابل جاگیيراڻي به مارجي ويو، ان کان علاوه ڌاڙيل صادق جاگیيراڻي، عالم جاگيیراڻي ۽ نادر جاگيیراڻي پڻ مارجي ويا آهن، پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڌاڙيل مختيار جاگيراڻي پوليس کي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل هو، جڏهن ته ٻين ڌاڙيلن جو ڪرمنل رڪارڊ گڏ ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌاڙيل جيئند جاگيراڻي پنهنجي ساٿين سان گڏ قطب جاگيراڻي جي گهر تي چڙهائي ڪري فائرنگ ڪئي، جڏهن ته جوابي فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا آهن. هوڏانهن نادر جاگيراڻي ۽ عالمان جاگيراڻي جا لاش تعلقه اسپتال گھوٽڪي منتقل ڪيا ويا، جتان ضروري ڪاروائي کانپو لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close