اسلام آبادپاڪستان

سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ججن خلاف ڪارروائي جي درخواست خارج

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ججن خلاف ڪارروائي جي حوالي سان داخل درخواست خارج ڪري ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو ججن خلاف ڪارروائي لاءِ ڪائونسل کي هدايتون ڏيڻ مناسب ناهي. جسٽس منيب اختر اڱاري ڏينهن هتي ان معاملي ۾ 13 جون 2023ع تي محفوظ ڪيل فيصلو پڙهي ٻُڌايو، جنهن مطابق سپريم ڪورٽ درخواست کي خارج ڪري ڇڏيو. 6 صفحن تي ٻڌل فيصلو جسٽس منيب اختر لکيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته درخواستگذار جي چوڻ مطابق جڏهن ڪائونسل ۾ سندن خلاف شڪايتون اچن ٿيون ته جج ريٽائر ٿي وڃن ٿا يا استعيفيٰ ڏئي وڃن ٿا. درخواستگذار جو چوڻ آهي ته شڪايت جو مقصد ئي گم ٿي ويندو آهي. ججن خلاف شڪايت جو فيصلو نه ڪرڻ انصاف جي خلاف آهي. فيصلي ۾ چيو ويو ته ڪائونسل کي ججن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪرڻ نامناسب هوندو، سپريم ڪورٽ جو جوڊيشل ڪائونسل کي هدايتون ڪائونسل جا اختيار کسڻ جي مترادف هوندي. جڏهن ته ڪائونسل کي هدايتون ڏيڻ آرٽيڪل 209 جي خلاف آهي. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جي جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بينچ سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ججن خلاف ڪارروائيءَ جي حوالي سان عافيا شهربانو ۽ ٻين درخواستگذارن طرفان داخل درخواستون شنوائي جوڳيون هئڻ يا نه هئڻ جي حوالي سان 13 جون 23ع جو فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو اڱاري ڏينهن جاري ڪيو ويو آهي. 6 صفحن تي ٻَڌل فيصلو جسٽس منيب اختر لکيو آهي. درخواستگذار سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ججن خلاف شڪايت ملڻ تي فوري ڪارروائي شروع ڪرڻ جي استدعا ڪئي هئي. درخواستگذار عافيا شهربانو طرفان حنا جيلاني ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿي دليل ڏنا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button