پاڪستانسنڌ

پريا ڪماري بازياب نه ٿي، ما روئي روئي حال هيڻا ڪري ڇڏيا

سکر: سکر جي سنگرار واري علائقي مان 22 مهينا اڳ عاشوري جي موقعي تي عزادارن ۾ سبيل ورهائڻ دوران اغوا ٿيل ٻارڙي پريا ڪماري کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، جنهن ڪري نياڻي جي غم ۾ ما جي لڙڪ هارڻ سبب حالت خراب ٿي وئي آهي، ان حوالي سان معصوم نياڻي جي پي لڙڪ لاڙيندي چيو ته پريا ڪمار جي اغوا کي ٻه سال ٿيڻ وارا آهن، پر پوليس سميت هتان جي چونڊيل نمائندن اسان جي سار نه لڌي آهي، ڌي ڪهڙي حال ۾ هوندي؟ پريا جي ما به روئي روئي حال هيڻان ڪري ڇڏيا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته پريا به سنڌ جي نياڻي آهي، ان جي واپسي لا آواز اٿاريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button