حيدرآباد: کڏهڙو، پڊعيدن، پيرولاشاري ۽ ڀرپاسي ۾ رات تيز هوا سان برسات ڪم لاهي ڇڏيا. ان سلسلي ۾ پيرو لاشاري شھر ۾ برسات سبب پاڻي بيهي رهيو. جڏهن ته ڳوٺ ميون ملوڪ جوڻيجو ۾ تيز هوا سان گڏ برسات سبب ڪيترن ئي ڪکائين گهرن جا ڇپرا اڏامي ويا. 11 هزار وولٽيج وارا 3 ٿنڀا به ڪري پيا، جنهن سبب 3 ڳوٺن جي بجلي معطل ٿي وئي، اڄ عيد هجڻ باوجود عملي بجلي فراهمي لا ڪجهه نه ڪيو. پڊعيدن ۾ برسات سبب مختلف علائقن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو، جنهن دوران 10 ڪلاڪ بجلي به بند رهي. کڏڙو جي سانوڻ شاهه ڪالوني ۾ گهر جي ڇت تي برساتي پاڻي بيھڻ سبب لڇمڻ جهنڊھوڙو جي گهر جي ڇت ڪري پئي، جنهن سبب 2 عورتون ۽ 2 ٻار راول جنڊهوڙو ۽ رام جي جنڊهوڙو زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال آندو ويو، گهر جي ڇت ڪرڻ سبب پورهيت گهرڀاتين سميت کليل آسمان هيٺ ويٺل آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close