پاڪستانسنڌ

ٿرڙي محبت ويجهو پرڻيل ڇوڪري مبينا اغوا، وارثن جو احتجاج

ٿرڙي محبت: ٿرڙي محبت ڀرسان ڳوٺ مسو خان جلباڻي ۾ 2 مهينا اڳ پرڻيل ناري مبينا طور اغوا ٿي وئي، ڪيس داخل هئڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا. ناري جي پي ما سميت ٻين وارثن پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڇوڪري جي بازيابي لا نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ناري جي ما ثريه، پي ذوالفقار لاشاري ۽ ٻين مائٽن پريس ڪلب اڳيان دانهون ڪندي چيو ته پرڻيل ڌي ڪوثر کي جوابدار حميد ڀنڊ، آڪاش ڀنڊ، شيرل ڀنڊ ۽ صدام ڀنڊ سميت 6 ڄڻن زبردستي اغوا ڪيو آهي، ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود ٿرڙي پوليس جوابدار بااثر هجڻ ۽ رشوت وٺڻ سبب گرفتاريون نٿي ڪري، جوابدار اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لا موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جيڪو ظلم آهي، پوليس انصاف ڏيارڻ بدران جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته نياڻي بازياب ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button