پاڪستانسنڌ

ڪڪڙ ويجهو ڪرنٽ لڳڻ سبب معصوم ٻارڙي فوت

ڪڪڙ: ڪڪڙ ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب معصوم نينگري فوت ٿي وئي. ڳوٺ جکرو ساريو ۾ اوچتو بجلي اچڻ ڪري پکي مان ڪرنٽ لڳڻ ڪري پوليس اهلڪار ظفر ساريو جي معصوم 4 سالن جي نينگري انم ساريو سخت زخمي ٿي بيهوش ٿي وئي، جنهن کي وارثن بيهوشي واري حالت ۾ مقامي اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽرن معصوم نينگري جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. وارث نينگري جو لاش کڻي ڳوٺ پهتا ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button