پاڪستانسنڌ

ايندڙ وقت اسان جو آهي،ملڪ مان مهانگائي جو خاتمو ڪنداسين:نوازشريف

اسلام آباد: مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف ايندڙ عام چونڊن ۾ پنهنجي ڪاميابي جو اشارو ڏيندي زور ڏنو ته ايندڙ وقت اسان جو آهي، پاڪستاني معيشت جي بحالي ۽ مهانگائي جو خاتمو اسان جي حڪومت جي پهرين ترجيح هوندي. دبئي ۾ مسلم ليگ يو اي جي وفد سان ملاقات دوران هن چيو ته مسلم ليگ (ن) پاڪستان جي معيشت کي بحران مان ڪڍندي، ڇو ته مسلم ليگ (ن) هميشه پاڪستان کي ڏکئي دور مان ٻاهر ڪڍيو آهي ۽ اڳتي به ائين ڪندي رهندي. ٻئي طرف اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف 4 جولاءِ تي دبئي کان جده روانو ٿيندو ۽ ان سان گڏ مسلم ليگ ن جي سينيئر نائب صدر مريم نواز به گڏ هوندي. جاري ڪيل شيڊول موجب نواز شريف 10 جولاءِ تي جده مان لنڊن روانو ٿيندو، جڏهن ته مريم نواز پاڪستان واپس ايندي، ميان نواز شريف جده ۾ پنهنجي دوري دوران اهم ملاقاتون ڪندو. رپورٽن مطابق نواز شريف واپارين ۽ تيل ڪمپنين جي نمائندن سان ملاقاتون ڪندو. ان کان اڳ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف مسلم ليگ يو اي اي جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، مسلم ليگ يو اي اي جي وفد جي قيادت مسلم ليگ يو اي اي جي صدر غلام مصطفيٰ مغل ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ مسلم ليگ گلف جو صدر مسلم ليگي ايم اين اي احسان الحق باجوه به موجود هو. واضح رهي ته 24 جون تي مليل رپورٽن موجب مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف ۽ مريم نواز وچ ۾ دبئي ۾ ٿيل ملاقات ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي وطن واپسي، عام چونڊن ۽ نگران سيٽن جي نالن تي غور ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button