دادو: دادو شهر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد شاهاڻي پاڙي مان 3 نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربند هٿيارن جي زور تي ڳوٺ امير پير جي مقامي زميندار ڪوڙل شاهه کان 5 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا. زميندار ڪوڙل شاهه اي سيڪشن ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي ورتي. متاثر زميندار جو چوڻ هو ته آئون نجي بئنڪ مان 5 لک ڪڍرائي نڪتس ته هٿياربندن پيڇو ڪيو ۽ هٿيارن جي زور تي ڦر ڪري فرار ٿي ويا. رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او اي سيڪشن جو چوڻ هو ته بئنڪ جا سي سي ٽي وي فوٽيج ڪڍرايا آهن، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close