اسلام آباد : حڪومت 7 جولاءِ تي يوم تقدس قرآن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان ڏينهن سوئيڊن واقعي خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج ٿيندو. ان ڏس ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي معاملي تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 7 جولاءِ (جمعي) تي سڄي ملڪ ۾ يوم تقدس قرآن ملهايو ويندو ۽ سوئيڊن واقعي خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج ٿيندو. وزيراعظم شهباز شريف سڀني سياسي، مذهبي جماعتن ۽ قوم کي احتجاج ۾ شرڪت جي اپيل ڪندي چيو آهي ته سڄي قوم هڪ ٿي شيطاني ذهنن کي پيغام ڏئي، جمعي تي سڄي ملڪ ۾ سوئيڊن واقعي جي مذمت ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون وڃن. جڏهن ته سوئيڊن واقعي تي قومي حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ خميس ڏينهن پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ سوئيڊن واقعي تي قومي حڪمت عملي جوڙي وڃي، پارليامينٽ جي فورم تان قوم جي جذبن ۽ احساسن جي ڀرپور ترجماني ڪئي وڃي، وزيراعظم اها به هدايت ڪئي آهي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ گڏيل قرارداد منظور ڪئي وڃي، وزيراعظم پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر جي حيثيت سان پارٽي کي سڄي ملڪ ۾ احتجاجي ريليون ڪڍڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته قرآن ڪريم جي عزت ۽ حرمت اسان جي ايمان جو حصو آهي، ان جي لاءِ اسان سڀ هڪ آهيون، گمراهه ذهن اسلامو فوبيا جي منفي رجحان کي پکيڙڻ جي ڪڌي ايجنڊا تي عمل پيرا آهن. هن چيو ته سڄي دنيا جون امن پسند، گڏيل بقاءَ تي گڏيل رکندڙ قومون ۽ قيادت اسلامو فوبيا جو شڪار ۽ مذهبي تعصب رکندڙ پرتشدد قوتن جو رستو روڪين، مذهب، مقدس هستين، عقيدن ۽ نظرين کي نشانو بڻائيندڙ پرتشدد ذهن دنيا جي امن جي لاءِ خطرو آهن، عالمي سطح تي پرامن، متوازن ۽ بين المذاهب هم آهنگي تي يقين رکندڙ قوتون گڏجي اهڙن رجحانن ۽ واقعن جي تدارڪ جي لاءِ ڪم ڪن
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close