اسلام آباد : وقتي صدر صادق سنجراڻي سپريم ڪورٽ جي ججز جي پگهارن ۾ اضافي جو آرڊر جاري ڪري ڇڏيو. صادق سنجراڻي ججز جي پگهارن جو آرڊر 2023 جاري ڪيو. آرڊر کان پوءِ چيف جسٽس پاڪستان جي پگهار 12 لک 29 هزار 189 رپيا ماهوار هوندي. چيف جسٽس جي پگهار ۾ 2 لک چار رپيا اضافو ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ جي جج جي پگهار 11 لک 61 هزار 163 رپيا ماهوار هوندي. 2022 جي آرڊر مطابق چيف جسٽس جي پگهار 10 لک 25 هزار 324 رپيا هئي. جڏهن ته جج جي پگهار 9 لک 67 هزار 636 رپيا هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close