اسلام آباد : ناڻي واري وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته جولاءِ جي مهيني ۾ ئي ملڪي ناڻي مٽا سٽا جا ذخيرا 14 ارب ڊالر ٿيڻ جوا مڪان آهي. هڪ انٽرويو ۾ اسحاق ڊار چيو ته گذريل 8 مهينا ڏکيا گذريا آهن. منهنجي ٽيم جا ماڻهو به چوندا هئا ته لڳي ٿو ته هي معاهدو نه ٿيندو. جڏهن ته مان چوندو هوس ته جون جي آخري هفتي تائين معاهدو ٿي ويندو ۽ ٿي ويو. هن چيو ته پاڪستان ۽ آئي ايم ايف وچ ۾ اسٽينڊ باءِ معاهدو 9 مهينن لاءِ طئي ٿيو آهي. نائون ري ويو جيڪڏهن 3 جون تائين ٿي وڃي ها ته اسان کي اهي پئسا ملڻا هئا، آئي ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي منظوري کان پوءِ هن ئي مهيني 1 ڏهائي هڪ ارب ڊالر ملي ويندا. سعودي عرب کان ٻه ارب ڊالر ۽ يو اي اي کان هڪ ارب ڊالر جولاءِ ۾ وٺڻا آهن. اسحاق ڊار چيو ته هن معاهدي تحت اسان کي 5 ڏهائي 6 بلين ڊالر جي ٻاهرين فنانسنگ حاصل ڪرڻي آهي. مون کي ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ٿيندي نظر اچي رهيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close