پاڪستانسنڌ

سنڌ هاءِ ڪورٽ پيمرا نوٽيفڪيشن خلاف داخل درخواست اڪلائي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي آئي جو نالو ۽ ليڊرشپ جي ميڊيا ڪوريج نه ڪرڻ بابت پيمرا نوٽيفڪيشن جي غلط تشريح خلاف درخواست واپس وٺڻ تي اڪلائي ڇڏي. درخواستگذار جي وڪيل بئريسٽر طاهر علي موقف ڏنو ته 9 مئي واقعي کانپوءِ پيمرا آرڊر جاري ڪيو. پيمرا آرڊر جي آڙ ۾ پوري پي ٽي آئي جو ميڊيا بليڪ آئوٽ ڪيو ويو. جسٽس عدنان اقبال چوڌري ريمارڪس ڏنا ته اوهان پيمرا آرڊر سان ڪيئن متاثر ٿي سگهو ٿا. درخواستگذار جي وڪيل موقف ڏنو ته منهنجو اصيل پارٽي جو ميمبر ۽ سپورٽر آهي.

جسٽس عدنان اقبال چوڌري ريمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان پاڪستان جا صدر به هجو ته هن آرڊر سان ڪيئن متاثر ٿي سگهو ٿا. جسٽس عدنان اقبال چوڌري درخواست گذار جي وڪيل کي چيو ته پيمرا جو آرڊر پڙهو. جسٽس عدنان اقبال چوڌري ريمارڪس ڏيندي چيو ته پيمرا جنهن کي حڪم ڏنو اهو متاثر ٿيو ۽ اوهان ڪيئن ٿيا؟ پيمرا جي آرڊر خلاف ته چينلز کي عدالت اچڻ گهرجي ها، جيڪڏهن اهي متاثر آهن، مطمئن ڪريو اسان اوهان کي ڪيئن ٻڌي سگهون ٿا. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان درخواست واپس وٺندا يا اسان درخواست رد ڪري ڇڏيون. عدالت درخواست اڻ ٻڌڻي جوڳي قرار ڏئي ڇڏي. عدالت جي آپشن ڏيڻ تي درخواستگذار جي وڪيل درخواست واپس وٺي ڇڏي، درخواستگذار جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ تي عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button