پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي انسپيڪٽر سميت 5 ڄڻا چوري الزام ۾ گرفتار

ڪراچي: ڪراچي ۾ گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل سان ڀريل سوزوڪي چوري ڪرڻ جي الزام ۾ سي ٽي ڊي انسپيڪٽر کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس موجب خميس ڏينهن نيو ڪراچي سيڪٽر 5 چاند مارڪيٽ جي علائقي سنڌي هوٽل مان ڪوڪنگ آئل ۽ گيهه سان ڀريل سوزوڪي چوري ڪرڻ جو واقعو پيش آيو، جوابدارن خلاف قلم 395 جي قلم نمبر 2023/375 داخل ڪيو ويو آهي. 34/365، 412 فتح ٽريڊرز ڪمپني جي ملازم شهريار پٽ عبدالسعيد کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن بعد سي ٽي ڊي انسپيڪٽر سميت 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي سينٽرل معروف عثمان ٻڌايو ته پوليس سي ٽي ڊي انسپيڪٽر ظفر اقبال کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب گرفتار انسپيڪٽر ظفر اقبال سي ٽي ڊي انٽيليجنس ۾ مقرر هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button