پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ نگليريا سبب هڪ ڄڻو فوت، انگ 6 ٿي ويو

ڪراچي: ڪراچي ۾ دماغ کي کائيندڙ خطرناڪ بيڪٽيريا نگليريا ٻيهر سرگرم ٿي ويو آهي، سنڌ جي صحت کاتي ڪراچي ۾ نگليريا سبب ڇهين موت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، طبي ماهرن شهرين کي پاڻي جي ٽينڪن ۾ ڪلورين ملائڻ جو مشورو ڏنو آهي. ڊي جي هيلٿ سروسز ڪراچي عبدالحميد جماڻي موجب ڊي ايڇ اي جي رهواسي 21 سالن جي نوجوان کي 18 جون تي بخار جي حالت ۾ نجي اسپتال آندو ويو هو، نوجوان نجي ڊفينس اڪيڊمي جي سوئمنگ پول ۾ غسل ڪيو هو. ڪراچي ۾ هن وقت تائين نگليريا سبب 6 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، جن مان 4 جو تعلق ڪراچي، هڪ فوتگي ڪوئيٽا ۽ هڪ فوتگي حيدرآباد ۾ آهي، گذريل سال دماغ کائڻ واري جراثيم سبب 5 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button