پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ گٽڪي جو ڊيلر قتل، دوست زخمي

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي محمود آباد جي اعظم بستي ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ گٽڪا ماوا جو وڏو ڊيلر مارجي ويو ۽ سندس دوست زخمي ٿي پيو. مقتول کي لياري گينگ وار پاران ڀتا خوري جي پرچي ۽ واٽس ايپ ذريعي ڀتا نه ڏيڻ جي صورت ۾ جيل مان دستي بم جي تصوير موڪلي وئي ۽ کيس سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون، مقتول جي 2 سال اڳ شادي ٿي هئي. محمود آباد جي علائقي اعظم بستي نالا پار گهٽي نمبر 12 جي قبرستان ڀرسان اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار جوابدارن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٻنهي ڄڻن کي خانگي گاڏي ذريعي جناح اسپتال پهچايو ويو، جتي ڊاڪٽرن هڪ ڄڻي جي مرڻ جي تصديق ڪئي.

ڪراچي پوليس ترجمان موجب مارجي ويل جي سڃاڻپ 30 ورهين جي سلمان پٽ اڪرم ملڪ جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته زخمي شخص جي سڃاڻپ 31 ورهين جي ڪامران جي نالي سان ٿي آهي، مقتول ماوا گٽڪي جو وڏو واپاري هو. پوليس ذريعن موجب مقتول سلمان کي لياري گينگ وار جي مرڪزي جوابدار کان ڀنگ جو خط به مليو هو، جڏهن ته کيس واٽس ايپ ذريعي به رقم نه ڏيڻ تي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جو پيغام مليو هو، جنهن ۾ دستي بم جي تصوير به هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button