پاڪستانسنڌ

چمبڙ ۾ ڦٽي جو اگهه مناسب نه ملڻ خلاف ڪميونسٽ پارٽي جو پيادل مارچ

چمبڙ: چمبڙ ۾ سنڌ ھاري ڪميٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي ڪارڪنن ڦٽي سرڪاري اگهه ساڍا 8 هزار بدران 7 هزار رپين ۾ خريد ڪرڻ ۽ واپارين پاران هٿرادو طور اگهه ڪيرائڻ خلاف ٽنڊوالھيار-ٽنڊو غلام علي مک روڊ بچاڻي پيٽرول پمپ کان اي سي آفيس تائين پيادل مارچ ڪيو ۽ آفيس اڳيان مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڪامريڊ اقبال، ڪامريڊ ارباب رستماڻي، گلاب ڀيل ۽ ٻين چيو ته پيڊي مالڪ ۽ واپاري ڦٽي 1500 رپيا في مڻ تي گھٽ خريد ڪن ٿا ۽ ٻه کان اڍائي ڪلو ڪٽوتي ڪن ٿا، ھاري 6 مھينا وڏي محنت ڪري ڦٽي جو فصل پوکي ٿو، پر فصل مارڪيٽ اچڻ بعد مناسب اگھه نٿو ڏنو وڃي، ڦٽي جو فصل مارڪيٽ ۾ آيو ته واپارين ھٿ ٺوڪيا ڦٽي جا اگهھ مقرر ڪري ھارين کي ٻنھي ھٿن سان لٽڻ شروع ڪيو آهي، جيڪو ظلم آهي. واپارين سان انتظاميا پڻ ملوث آھي. ھنن الزام ھڻندي چيو ته اي سي ۽ ڊي سي ڦٽي جو اگھه نه ڏيڻ ۾ واپارين سان ڀاڱي ڀائيوار آھن، جيڪي واپارين ۽ بااثر پيڊي مالڪن خلاف ڪا ڪاروائي نٿا ڪن، ٻوڏ دوران اسان جا گھر ڪري پيا ۽ بيٺل فصل تباهه ٿي ويا. ھنن سنڌ حڪومت توڙي وفاق کان گھر ڪندي چيو ته ڦٽي جي سرڪاري اگھه تي عمل نه ڪندڙ پيڊي مالڪن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري ڦٽي جو سرڪاري اگھه ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button