پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ ڦٽي جو اگهه ڪيرائڻ خلاف ايس يو پي جو مظاهرو

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ واپارين ۽ ڪارخاني مالڪن پاران ڦٽي جو سرڪاري اگهه نه ڏيڻ خلاف ايس يو پي جي سڏ تي ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو ھنيو ويو، ڌرڻي ۾ ايس ٽي پي اڳواڻن، آبادگارن، وڪيلن توڙي سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن منظور ميمڻ، لالا اظھر پٺاڻ، ذوالفقار عليم وساڻ، واجد لغاري، محمد خان مري ۽ ٻين چيو ته ھٿ وٺي زراعت کي تباھه ڪيو پيو وڃي، زرعي جنسن جا اگهه نه ملڻ سبب آبادگار ۽ ھاري طبقو سخت مالي بحران ۾ مبتلا آهي. سرڪار پاران ڦٽي جو اگهه في مڻ 8500 رپيا مقرر ڪرڻ باوجود واپاري ۽ ڪارخاني مالڪ في مڻ 5 کان 6 ھزار رپين ۾ خريد ڪري رھيا آھن، جيڪا سراسر زيادتي آهي. موجوده ڦٽي جي اگھه سبب زمين جو خرچ نٿو نڪري. ضلعي انتظاميا مقرر اگهھ تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي. ھنن چتا ڏيندي چيو ته سرڪاري اگهه تي عمل نه ڪرايو ويو ته سخت احتجاج ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button