اسلام آبادپاڪستان

بي آءِ ايس پي تحت رجسٽرڊ ماڻهو هاڻ بئنڪ اڪائونٽ هولڊر هوندا

اسلام آباد:وزيراعظم شهباز شريف بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت سماجي تحفظ اڪائونٽ جاري ڪري ڇڏيو. بي آءِ ايس پي تحت سماجي تحفظ اڪائونٽ جي جاري ڪرڻ جي تقريب ڪالهه ٿي. تقريب ۾ وزيراعظم خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، غربت جي خاتمي واري وفاقي وزير شازيش مري ۽ مملڪتي وزير فيصل ڪريم ڪنڊي به موجود هئا. ان موقعي تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال 3 لک نئين ماڻهن کي پروگرام ۾ شامل ڪيو ويندو. سماجي تحفظ اڪائونٽ سان پروگرام ۾ شفافيت ايندي. بي آءِ ايس پي تحت رجسٽرڊ ماڻهو بئنڪ اڪائونٽ هولڊر هوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button