اسلام آبادپاڪستان

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو دائرو وڌائڻ جي ضرورت آهي:وزيراعظم

اسلام آباد : وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو دائرو وڌائڻ جي ضرورت آهي، بي آئي ايس پي پروگرام جو مقصد معاشري جي ڪمزور طبقي کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ آهي. جمعي تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت سماجي تحفظ اڪائونٽ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته بي آئي ايس پي کي شازيا مري ۽ ان جي ٽيم جنهن نموني هلايو اطمينان جوڳو قدم آهي. هن پروگرام ۾ کوڙ ساريون نيون شيون شامل ڪيون ويون آهن، ان کي وڌيڪ شفاف بڻايو ويو آهي ۽ ان کي اڃا به وڌايو ويو آهي. ان پروگرام کي حڪومت جو پورو تعاون حاصل هو. وزيراعظم چيو ته گذريل سال پاڪستان ۾ تباهه ڪندڙ ٻوڏ آئي جنهن کان پوءِ گڏيل حڪومت جا سمورا اڳواڻ متاثر علائقن ۾ پهتا، هر پاسي تباهي نطر اچي رهي هئي جن مشڪل حالتن ۾ اسان حڪومت جي واڳ سنڀالي هئي. اسان کي ٻوڏ جي صورت ۾ هڪ ٻي وڏي ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته بي آئي ايس پي تحت 70 ارب رپيا متاثرن ۾ شفاف نموني ورهايا ويا. دوست ملڪن ۽ ٻين ذريعن کان جيڪا امداد ملي اها ان کان الڳ هئي، صوبن به پنهنجي وسيلن سان ان ۾ حصو وڌو 18 کان 20 ارب رپيا اين ڊي ايم اي فراهم ڪيا. بي آئي ايس پي تحت تعليمي وظيفا فراهم ڪيا پيا وڃن. بي آئي ايس پي اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو شهيد جو ويزن هو، ان پروگرام کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button