اسلام آبادپاڪستان

نوجوانن کي ترقي ڏيارڻ جي ويزن تي وزيراعظم عمل شروع ڪري ڇڏيو:مريم اورنگزيب

اسلام آباد:سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته نوازشريف جي نوجوانن کي مستقبل جو معمار بنائڻ ۽ کين ترقي ڏيارڻ جي ويزن تي وزيراعظم شهبازشريف ٻيهر عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته علم سان پيار ڪندڙ نوجوانن ۾ هڪ لک ليپ ٽاپ ورهائڻ جو ٻيهر هن دعا سان شروعات ڪري رهيا آهيون ته نوجوان ترقي ڪن. هن چيو ته هي پروگرام نوجوان نسل کي جديد ٽيڪنالوجي تعليم هنر سان سرشار ڪرڻ روزگار ڪاروبار لاءِ سرمايو فراهم ڪرڻ صحت مند بنائڻ لاءِ راندين ۽ مثبت سرگرمين ۾ شموليت جي روشني آهي جيڪا ان ننڍڙي سوچ کي ختم ڪري ڇڏيندي. هن چيو ته جيڪو نوجوانن کي مرڻ ماري ڇڏڻ باهه ڏئي ساڙي ڇڏڻ سوچ ڀڙڪائي ٿي پنهنجي ناپاڪ ارادن لاءِ انهن جي هٿن ۾ ليپ ٽاپ بدران پيٽرول بم، بندوق، پٿر ۽ ڏنڊا اها سوچ ڏي ٿي عمارتن، قومي ادارن تي حملا ڪرائي ٿي شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪرائي ٿي انهن جي خلاف غليظ مهم هلائي ٿي ۽ نوجوانن کي پنهنجي ناپاڪ ايجنڊا جو ٻارڻ بڻائي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button