پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت مختلف شهرن ۾ 12 ڪلاڪن تائين بجلي گم

حيدرآباد :ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت مختلف شهرن ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ شهرين جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي، مختلف علائقن ۾ بجلي لوڊشيڊنگ جو عرصو 10 کان 12 ڪلاڪن تائين پهچي ويو آهي. ڪالهه ڪراچي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ وڌي وئي، مختلف علائقن ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ شهرين کي پريشان ڪري ڇڏيو. ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ 10 کان 12 ڪلاڪ بجلي بندش معمول بڻجي وئي، جنهن سبب شهري گرمي ۾ سخت تڪليف کي منهن ڏئي رهيا آهن.هوڏانهن ڪي اليڪٽرڪ ترجمان جو چوڻ آهي ته لوڊشيڊنگ جي دورانيي جو دارومدار علائقي ۾ ٿيندڙ بجلي چوري ۽ نقصانن جي شرح تي آهي. ٻئي طرف حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات کانپو ڪيترائي ڪلاڪ بجلي گم رهي، جنهن سبب شهري تمام گهڻو پريشان رهيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button