پاڪستانسنڌ

سنڌو ۾ قاسم آباد واسي 3 معصوم ڀائر ٻڏي ويا، هڪ کي بچايو ويو

حيدرآباد: سنڌو درياهه ۾ وهنجڻ دوران قاسم آباد جا رهواسي 3 ڀائر ٻڏي ويا، هڪ کي بچايو ويو، ٻن ڀائرن جو پتو نه پئجي سگهيو. قاسم آباد جي علائقي عبدالله اوينيو جي رهواسي خادم حسين سومرو جا 3 پٽ 13 ورهين جو معيز، 14 ورهين جو حسنين ۽ 15 ورهين جو حنين سومرو المهراڻ پل وٽ سنڌو درياهه ۾ وهنجڻ جي لاءِ لٿا ته اونهي پاڻي ۾ وڃڻ جي ڪري ٻڏي ويا، جنهن دوران موقعي تي موجود ماڻهن ڪوشش ڪري 13 ورهين جي نينگر معيز کي بچائي ورتو، جڏهن ته حسنين ۽ حنين ٻڏي ويا، جن جي ڳولا ريسڪيو ٽيمن پاران جاري هئي، رات ٿيڻ جي ڪري ٻڏي ويل نينگرن جي ڳولا وارو ڪم رڪجي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته ٻڏي ويل ٻئي نينگر مهراڻ پل کان ڪوٽڙي واري سائيڊ ڏانهن هليا ويا آهن. هوڏانهن علائقي واسين طرفان بچايل نينگر معيز سومرو ٻڌايو ته هو پنهنجن ٻن ڀائرن سان گڏ درياهه تي وهنجڻ لاءِ آيو هو، جنهن دوران هو ٽئي ڀائر اونهي پاڻي ۾ ٻڏي ويا. نسيم نگر پوليس جي اطلاع تي ريسڪيو 1122 کي اطلاع ڏنو. پوليس موجب ٽئي ڀائر وهنجڻ لاءِ درياهه ۾ لٿا هئا، جنهن دوران ٻڏي ويا، هڪ کي بچايو ويو، ٻن جي ڳولا جاري آهي. ٻئي طرف ٻن ڀائرن جي درياهه ۾ ٻڏي وڃڻ واري واقعي بعد سندن گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، بچي ويل نينگر به ڀائرن کي ياد ڪندي روئيندو رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button